لاهور (م ڊ) لاهور جي جي پي او چوڪ وٽ عدالتن جي منتقلي ۽ وڪلين تي دهشتگردي جي ڪيسن خلاف وڪيلن جي احتجاج تي پوليس طرفان لٺبازي ۽ شيلنگ ڪئي وئي جڏهن ته پاڪستان بار ڪائونسل پاران سڀاڻي ملڪ گير بُک هڙتال جو اعلان ڪيو ويو آهي. احتجاج دوران وڪيلن رنڊڪون هٽائي هاءِ ڪورٽ اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي پوليس وڪيلن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ لٺبازي ۽ شيلنگ ڪئي، پوليس احتجاج ڪندڙن خلاف واٽر ڪينن جو استعمال پڻ ڪيو. پوليس طرفان مظاهري ۾ شامل ڪيترن ئي وڪيلن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، چڪرين دوران هڪ ايس پي، ٻه ايس ايڇ اوز سميت 5 اهلڪار به زخمي ٿي پيا آهن. پوليس طرفان رنڊڪون لڳائي لاهور هاءِ ڪورٽ ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستو بند ڪيو ويو آهي، پوليس ۽ وڪيلن وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿيڻ سبب مال روڊ ۽ ڀرپاسي وارن روڊن تي ٽريفڪ جي رواني به سخت متاثر ٿي آهي ۽ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون آهن، جي پي او چوڪ وٽ ميٽرو بس اسٽيشن کي به بند ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي پاڪستان بار ڪائونسل پوليس تشدد خلاف اڄ هڙتال جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي، وڪيل اڳواڻ احسن ڀون جو چوڻ آهي ته اڄ سموري ملڪ ۾ احتجاج ٿيندو ۽ ڪو به وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿيندو، سڀاڻي وڪيل ملڪ گير احتجاجي ريليون ڪڍندا. ڊي آءِ جي آپريشن فيصل ڪامران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وڪيل ڇڙوڇڙ ٿي ويا آهن، هاڻ کين منظم ٿيڻ نه ڏنو ويندو، چڙ ڏياريندڙ جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. لاهوربار جي صدر منير ڀٽي چيو ته سندن مطالبو ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني، انصاف جي فراهمي ۽ عدليا جي آزادي آهي. هن چيو ته عدالتن جي منتقلي جا نوٽيس ۽ 7 اي ٽي اي واپس ورتا وڃن، ڳالهين بابت سندس چوڻ هوته جڏهن ڳالهين جو وقت آيو ته ڏسي وٺنداسين. هوڏانهن وڪيلن جي وڏي انگ انگ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ٿي عدالتون خالي ڪرائڻ شروع ڇڏيو آهي ۽ جسٽس انوار الحق پنون جي عدالت مان سائلين کي ٻاهر ڪڍيو ويو آهي.