سيوهڻ/ نئون ديرو (نمائندن وٽان) پيپلز پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ ۽ ڪي پي ڪي جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سيوهڻ پهچي ويو، ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سيوهڻ ۾  حضرت لعل شهباز قلندر تي حاضري ڀري چادر چاڙھي ۽ فاتحه  خواني ڪئي،جنهن بعد صحافين سان ڳالھائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ  وارا حاضر سروس جي پيرن ۾ پوندا آهن،  ۽ رٽائر ٿيڻ وارن جي ڳچيءَ ۾ پوندا آهن،  ھو ڪڏهن آمريڪا ڪڏهن سعودي ته ڪڏهن فوج تي سازش جو الزام ھڻن ٿا. جيڪي اڳواڻ چون ٿا فوج ذريعي جمھوريت آڻينداسين فوج جو ترجمان جو بيان اھڙن ماڻهن جي منھن تي چماٽ آهي،  ھن چيو ته 9 مئي جو ڏينهن ملڪ جي ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو، ان ڏينهن جيڪي واقعا ٿيا اھو ڪم ڪو دشمن ئي ڪري سگهي ٿو، اسان جو مطالبو آهي ته انھن ھٿن کي ظاهر ڪري سزا ڏني وڃي، ھڪ سوال تي گورنر ڪي پي چيو ته ڪڻڪ اسڪينڊل جي جاچ ھلندڙ آهي، رياست جي ذميواري آهي ته ھو صحافي حامد مير سميت ٻين صحافين ۽ عوام جو تحفظ ڪري. ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته ڪي پي ۾ ھڪ ننڍي ذھن واري ماڻهو کي وڏي وزير جي ڪرسي تي ويھاريو ويو آهي،  آءٌ ڪي پي جي عوام جو ڪيس مرڪز ۾ وڙھي انھن جي احساس محرومي جو خاتمو آڻيندس.هن چيو ته  مولانا فضل الرحمان جو مينڊيٽ ڪي پي ڪي مان چوري ٿيو آهي  پر ھو ڳولي سنڌ ۾ رھيو آهي، ٻئي طرف گورنر ڪي پي سيوھڻ ۾ اڳوڻي ايم پي اي سيد آصف علي شاهه جي رھائشگاھ تي پھچي ساڻس والده جي  وفات تي فاتحا  خواني ڪئي. هوڏانهن خيبرپختونخواهه جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي گورنر جو حلف کڻڻ بعد پهريون ڀيرو ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو، شهيد ميرمرتضيٰ ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو ۽ ٻين جي مزارن تي حاضري ڀري گل نڇاور ڪري فاتح خواني ڪري دعا گهري شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مان گورنر جي عهدي جو حلف کڻڻ بعد پهريون ڀيرو شهيد جي مزارن تي حاضري ڀرڻ آيو آهيان. مان گذريل ڏينهن پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي ويو هئس ۽ ڪيتري وقت کان پوءِ مان ڪي پي ڪي جي گورنر جي حيثيت سان قائد اعظم جي مزار تي حاضري ڀري ۽ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهتو آهيان.