حيدرآباد: پي ٽي آءِ اڳواڻ مخدوم فضل حسين ۽ مخدوم محسن سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بينچ ۾ مٽياري موٽر وي اسڪينڊل بابت پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي

 مخدوم جميل الزمان ۽ مخدوم محبوب الزمان جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ ۽ نااهل قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي

پٽيشن ۾ چيو ويو آهي ته مخدوم جميل ۽ سندس پٽ مخدوم محبوب ٻئي اسڪينڊل ۾ ملوث آهن، ٻنهي جي فرنٽ مين اسلم پيرزادو جي ضمانت ڪرائڻ سندن ڪرپشن جو ثبوت آهي

هنن چيو ته مٽياري جي موٽر وي ميگا اسڪينڊل ۾ ايم اين ايم مخدوم جميل الزمان ۽ صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان هڪ ارب 81 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي، سنڌ سرڪار ٻنهي کي بچائڻ لاءِ جاچ کي اينٽي ڪرپشن تائين محدود رکڻ چاهي ٿي