ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڪورونا وئڪسين “اسپٽ نڪ فائيو” وڪرو ڪرڻ جِي اجازت ڏئي ڇڏي، حڪومت وئڪسين جي قيمت مقرر ڪرڻ ۾ ناڪام: عدالت ريمارڪس ڏنا آهن ته ڪورونا صورتحال ۾ وئڪسينيشن روڪڻ مناسب ناهي، ڊريپ وڪيل چيو ته وئڪسين جي قيمت مقرر ناهي، درخواستگذار ڪيئن وئڪسين وڪرو ڪندو؟، عدالت سوال ڪيو ته حڪومت هيل تائين ڇا ڪري رهي هئي  جو وئڪسين جي قيمت مقرر نه ڪري سگهي آهي؟، ڊريپ وڪيل چيو ته هڪ هفتي جو وقت ڏيو، وئڪسين جي قيمت مقرر ٿي ويندي: عدالت ڪيس جي ڪارروائي 12 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي..