ميرپورماٿيلو (ن پ ا) پنوعاقل ۾ مهينو اڳ پراسرار نموني فوت ٿيل ناري جي وارثن پاران سندس ساهرن تي قتل جو الزام هنيو ويو آهي، ڳوٺ قاضي لال بخش واسڻ سميرا ڪلوڙ جي وارثن ميرپورماٿيلو جي عدالت ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن دوران ناري جي وارثن چيو آهي ته ڌيءَ کي سندس مڙس عاقب، سهري صادق ڪلوڙ ۽ ٻين قتل ڪري آپگهات جو رنگ ڏنو، سميرا جي جسم تي تشدد جا نشان ھئا، اسان کي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ به نه ڏنو ويو، هنن چيو آهي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.