اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا ڀارت مان کنڊ ۽ ڪپهه گهرائڻ واري تجويز رد ڪري ڇڏي، اقتصادي رابطا ڪميٽي ڀارت مان کنڊ ۽ ڪپهه گهرائڻ جي تجويز ڪابينا آڏو پيش ڪئي هئي، وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اڪثر  ميمبرز طرفان کنڊ ۽ ڪپهه ڀارت مان گهرائڻ جي مخالفت، اقتصادي رابطا ڪميٽي گذريل ڏينهن ڀارت مان کنڊ ۽ ڪپهه گهرائڻ جي منظوري ڏني هئي، ڪابينا اجلاس ۾ وزيراعظم طرفان ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسز تي ڳڻتي جو اظهار، سمارٽ لاڪ ڊائون ۽ ايس او پيز تي عمل يقيني بڻائڻ جي هدايت  ڪئي وئي آهي.