سنڌ سان هر دور ۾ جن ٻن معاملن تي وڌ کان وڌ زيادتي ٿيندي رهندي آهي انهي ۾ هڪ پاڻي ۽ ٻيو ناڻي وارا معاملا آهن،91 ع واري پاڻي ٺاهه کانپوءِ اهو آسرو پيدا ٿيو هو ته سنڌ جي شڪايتن جو ڪجهه ازالو ٿيندو توڙي جو گهڻا ماهر انهي 91 واري ٺاهه کي به سنڌ سان مڪمل انصاف نه سڏي رهيا هئا پر پوءِ به ان کي گهڻي ڀاڱي بهتر سمجهيو پئي ويو پر انهي 91 واري ٺاهه تي ڪڏهن به عمل نه ٿي سگهيو ۽ سنڌ سان پاڻي واري معاملي تي زيادتي ساڳي طرح برقرار رهي. ڪڏهن پاڻي ورڇ لاءِ تاريخي فارمولا آندو ويو ته ڪڏهن “ٽين ڊيليز” ذريعي پاڻي جي ورڇ ٿيندي رهي.پنجاب جيئن ته مهڙ ۾ آهي انهي ڪري سدائين اهو پنهنجي حصي جو مڪمل پاڻي کڻي پوءِ سنڌ ڏانهن پاڻي موڪليندو رهيو ڪڏهن ڪڏهن ته حصي کان به وڌيڪ پاڻي کڻي سنڌ جي فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسائيندو رهيو . نه ارسا ڪڇي سگهي نه ئي سنڌ حڪومتون يا ارسا ۾ ويٺل سنڌ جا نمائندا پنهنجو ڪيس سٺي نموني وڙهي سگهيا جنهن ڪري هن وقت سنڌ جي ڪيترن علائقن ۾ فصل پوکڻ ته پري جي ڳالهه ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي به نٿو ملي.

سنڌ هن وقت به پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي پڇڙي جي ڪيترن علائقن ۾ ربيع جو فصل پوکجي نه سگهيو جتي ڪڻڪ پوکي وئي اها نسرڻ کانپوءِ ٻيو پاڻي نه ملڻ ڪري سڪي وئي ،ربيع ۾ سرڪاري طور 38 سيڪڙو کوٽ جو اعتراف ڪيو ويو پر اصل ۾ اها کوٽ ذري گهٽ پنجاهه سيڪڙو تائين هئي جنهن ڪري زراعت سان لاڳاپيل سڀني ماڻهن کي وڏي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو.ربيع وارو نقصان سنڌ سنڀالڻ ۾ پوري هئي ته وري خريف ۾ کوٽ جا خدشا سامهون آهن ،عمومي طور 15 مارچ کانپوءِ سنڌ ۾ خريف جي سيزن شروع ٿي ويندي آهي پر سرڪاري طور انکي پهرين اپريل کان ڳڻيو ويندو آهي ،انهي کي به هفتو گذري ويو آهي پر ارسا خريف جي پلان لاءِ پنهنجي ايڊوائيزري ڪميٽي جو اجلاس 8 اپريل تي گهرايو آهي جڏهن ته اصولي طور اهو اجلاس اڌ مارچ دوران ئي ٿيڻ گهرجي ها جنهن ۾ پاڻي جي موجود مقدار جو ڪاٿو لڳائي ورڇ طئي ڪئي وڃي ها ته جيئن صوبا انهي حساب سان تياري ڪن ها،جيئن ته اهو اجلاس هاڻي 8 اپريل تي ٿيڻو آهي جنهن ۾ فيصلي ڪرڻ کانپوءِ پاڻي پهچندي پهچندي 15 اپريل ٿي ويندي جنهن جو مطلب ٿيو ته 15 مارچ کان شروع ٿيل خريف کي 15 اپريل يعني مهينو پوءِ پاڻي ملي سگهندو جنهن ڪري خريف جي فصل کي به نقصان ٿيڻ جو انديشو آهي ،انهي کانسواءِ فني ڪميٽي جيڪي سفارشون طئي ڪيون آهن انهي تحت پاڻي ورڇ ٽه رخي فارمولا تحت ڪئي ويندي جنهن جو مطلب ته کوٽ رڳو سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ ورهائي ويندي ،اها تاريخ رهي آهي ته ڀلي ڪاغذن ۽ فيصلن ۾ کوٽ پنجاب ۽ سنڌ ۾ ورهائي وئي هجي پر زميني حقيقتن مطابق پنجاب پنهنجي حصي جو پاڻي کڻي ويندو آهي ۽ سنڌ کي حصي کان به وڌيڪ کوٽ ڀوڳڻي پوندي آهي.

اسان سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت۽ ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر کي پنهنجي حصي جو پورو پاڻي وٺڻ لاءِ ڀرپور نموني سان تياري ڪرڻ گهرجي ۽ سنڌ جو ڪيس ڀرپور نموني وڙهڻ گهرجي جڏهن سنڌ ۾ آبپاشي وزير به آهي ۽ آبپاشي لاءِ صلاحڪار به آهي ته ڇا اهي رڳو عوام جي پئسي تي بار هوندا يا سنڌ جي حصي جي پاڻي وٺڻ لاءِ پنهنجي ذميواري به نڀائيندا.؟