اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عوام تي مهانگائي جو هڪ ٻيو بم حملو، حڪومت بجلي وڌيڪ 64 پئسا في يونٽ مهانگي ڪري ڇڏي، نيپرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته فيبروري جي فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، نوان اگهه اپريل مهيني جي بلز ۾ اوڳاڙيا ويندا، ماهوار 50 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ گهريلو واهپيدار ۽ ڪراچي واسي بجلي جي اگهن ۾ واڌ کان آجا قرار ڏنا ويا آهن.