سنڌ جي مختلف اسڪولن ۾ استادن ۽ سھولتن جي کوٽ، مظاھرا

0
278
سنڌ جي مختلف اسڪولن ۾

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف اسڪولن ۾ استادن ۽ سهولتن جي کوٽ سبب ڳوٺاڻن پاران ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، گهوٽڪي، لاڙڪاڻو، مٺي ۽ وارث ڏنو ماڇي جي اسڪولن ۾ استادن ۽ سهولتن جي کوٽ، اڪثر اسڪول زبون حال بڻيل آھن،

لاڙڪاڻي جي ڳوٺ شاهه حسن جو پرائمري اسڪول زبون حال، فرنيچر نه هجڻ سبب ٻارڙا سِرن تي ويهڻ تي مجبور بڻيل آھن،  وارث ڏنو ماڇي جي ڳوٺ شربت بوزدار  جي رهواسين پاران استاد مقرر نه هجڻ  خلاف ٻارڙن سميت احتجاج ڪيو ويو

مٺي ويجهو ڳوٺ نئون تڙ ۾ استاد ورهين کان غائب، اسڪول ۾ گڏهه گهمڻ لڳا، ڳوٺاڻن پاران ٻارڙن سميت احتجاج ڪيو ويو آھي،  گهوٽڪي جي ڳوٺ الهڏنو ڪلادي جو  پرائمري اسڪول گندگي جي ور چڙهيل،  فرنيچر جي کوٽ سبب شاگرد پريشان بڻيل آھن.

ھي به پڙھندا

هي آهي سنڌ جي تعليم کاتي جو ڪارنامو، استاد غائب، گڏهه موجود