پنجاب ۾ مڪاني ادارن جي بحالي ۾ دير ڇو؟، سپريم ڪورٽ پاران جاچ جو فيصلو

0
288
وفاقي سرڪار عدالتي سڌارن واري بل خلاف ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ جوڙڻ جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي
وفاقي سرڪار عدالتي سڌارن واري بل خلاف ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ جوڙڻ جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ) سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ مڪاني ادارن جي بحالي ۾ دير جي جاچ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب ۾ مڪاني ادارن جي بحالي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران پنجاب حڪومت جي وڪيل بلدياتي ادارن جي بحالي جو نوٽيفڪيشن پيش ڪيو.

چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته صوبائي حڪومت سمجهي ٿي ته مڪاني ادارا هن بحال ڪيا پر پنجاب حڪومت جي نوٽيفڪيشن جي مسودوئي صحي ناهي.

جسٽس مظهر عالم ميان خيل چيو ته سيڪريٽري صاحب جي لکت واري جواب ۾ هي ڳالهه موجود آهي ته وزيراعليٰ کي سمري موڪلي هئي، جڏهن ته چيف جسٽس چيو ته جيڪو به ذميوار ٿيو ان کي انجام تائين پهچائيدناسين.

سپريم ڪورٽ مڪاني ادارن جي بحالي ۾ دير بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي تصديق ٿيل ڪاپي طلب ڪري ورتي.

ھي به پڙھندا

سپريم ڪورٽ نيب کي خورشيد شاهه جي گرفتاري جو بُنيادي مواد پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو