اسان اڃا جوان آهيون: برطانوي راڻي پاران جهونن جو ايوارڊ وٺڻ کان انڪار

0
577
اسان اڃا جوان آهيون

لنڊن:برطانيا جي 95 سالن جي ڄمار رکندڙ راڻي ايلزبيٿ هڪ مئگزين پاران بزرگن جو ايوارڊ وٺڻ کان ا نڪار ڪري ڇڏيو

برطانوي مئگزين راڻي ايلبيٿ کي بزرگن لاءِ ساليانو اولڊي ايوارڊ ڏيڻ جي اجازت گهري هئي. راڻي ايلزبيٿ اهڙو ايوارڊ وصول ڪرڻ کان انڪار ڪندي مئگزين سان معذرت ڪئي. مئگزين موجب راڻي وڏي مانائتي انداز ۾ اهو چئي ايوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪيو ته هوءَ ان معيار تي پوري نه ٿي لهي

برطانوي راڻي چيو ته اداري کي هن ايوارڊ لاءِ ٻي ڪا مناسب شخصيت ملي ويندي. راڻيءَ جي معذرت وارو سڀ کان وڌيڪ دلچسپ جملو اهو هو ته توهان جي عمر ايتري ئي آهي جيتري توهان محسوس ڪيو ٿا. ٻين لفظن ۾ راڻيءَ جو مطلب هو ته آئون اڃا جوان آهيان تنهن ڪري جهونن وارو هي ايوارڊ نه ٿي وٺي سگهان