سپريم ڪورٽ نيب کي خورشيد شاهه جي گرفتاري جو بُنيادي مواد پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

0
301
نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ
نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ نيب کي خورشيد شاهه جي گرفتاري جو بُنيادي مواد پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي، نيب هٿان گرفتار ٿيل پ پ ايم اين اي جي ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر پيش ٿيو

 جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته نيب ريفرنس داخل ڪرڻ بدران خورشيد شاهه کي گرفتار ڇو ڪيو؟ خورشيد شاهه جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته نيب طرفان لڳايل الزام ريفرنس جو حصو ناهن، نيب چيئرمين جو گرفتاري بابت حڪم به رڪارڊ جو حصو نه بڻايو ويو

سکر: عدالت خورشيد شاهه

نيب پراسيڪيوٽر چيو ته ترميمي آرڊيننس جاري ٿيڻ بعد نيب جي اختيارن ۾ مختلف ابهام پيدا ٿي پيا آهن، حڪومت وضاحت لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، نيب آرڊيننس تي ڪليئرنس لاءِ وقت ڏنو وڃي.

ھي به پڙھندا

چونڊون ويجهو اچڻ سان وڌيڪ پينڊورا باڪس کُلي ويندا: خورشيد شاھ