هي آهي سنڌ جي تعليم کاتي جو ڪارنامو، استاد غائب، گڏهه موجود

0
319
تعليم کاتي جو ڪارنامو

مٺي(ن پ ا) مٺي ڀرسان تعليم کاتي جي لاپرواهي ۽ نا اهلي سبب سوين ٻارڙن جي تعليم تباهه ٿيڻ لڳي.

تعلقي اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ نئون تڙ جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول هريجن ڪالوني ۾ استاد مقرر ڪري ٻارڙن کي تعليم ڏيڻ بجاءِ علم جي درس گاهه ۾ گڏهه ٻڌل آهن.

علائقي واسين پنهنجي ٻارڙن سان گڏ احتجاج ڪندي  چيو آهي ته اسڪول ۾ مقرر ٿيل استاد ڪافي عرصي کان اچن ئي نٿا، جنهن ڪري اسان جي ٻارڙن جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي ۽ تعليم کاتو اگھور ننڊ ستل آهي.

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اسڪول ۾ گڏهه ٻڌل دوران تعليم کاتي جا آفيسرز اچي اسڪول جون تصويرون ڪڍي روانا ٿي ويندا آهن.

ڳوٺاڻن هڪ ڀيرو وري تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار شاهه کان مطالبو ڪيو ته اسڪول ۾ سٺا استاد مقرر ڪري ٻارن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.