دلتن بابت توهين آميز تبصرو ڪرڻ تي بالي ووڊ جي اداڪارا گرفتار

0
305
دلتن بابت توهين آميز

ڪراچي: بالي ووڊ جي اداڪارا يوويڪا چوڌري کي ذات پرستي واري تعصب تحت دلت برادري خلاف توهين ڀريو تبصرو ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي

ڀارت ۾ دلت برادري کي شيڊيولڊ ڪاسٽس ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو ۽ ذات پات جي متڀيدي روين سبب دلتن کي هيٺين درجي جي ڪميونٽي سمجهيو وڃي ٿو. “بگ باس” سيريز جي اداڪارا يوويڪا چوڌري پنهنجي هڪ وڊيو ۾ دلت برادري بابت توهين ڀريا لفظ استعمال ڪيا هئا، جنهن بعد سوشل ميڊيا تي دلت ڪميونٽي پاران سندس گرفتاري لاءِ مهم شروع ڪئي وئي هئي. هريانا پوليس 18 آڪٽوبر تي اداڪارا کي گرفتار ڪري ورتو

 ڪجهه ڪلاڪن تائين حراست ۾ رکڻ بعد يوويڪا چوڌري کي عدالت مان ضمانت تي آزاد ڪيو ويو. اداڪارا يوويڪا چوڌري سوشل ميڊيا تي پنهنجي هڪ وضاحتي بيان ۾ دلت برادري کان معافي ورتي آهي ۽ چيو آهي ته منهنجو مقصد ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ نه هو. ياد رهي ته ان کان اڳ ڀارتي ڪرڪيٽر يوراج سنگهه کي به شيڊيولڊ ڪاسٽ خلاف توهين آميز تبصرو ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو هو ۽ بعد ۾ ضمانت تي آزاد ڪيو ويو هو

ڀارت ۾ ذات پات، نسل ۽ مذهب جي بنياد تي اقليتن خلاف نفرت انگيز چٿرون ڪرڻ ۽ هنن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ معمول رهيو آهي ۽ ڀارتي انتهاپسندن جو سڀ کان وڏو هدف مسلمان بڻيل آهن

ھي به پڙھندا

ڀارتي فلم انڊسٽري ڀتي خوري ۾ به ملوث: اداڪارا ۽ سندس بواءِ فرينڊ گرفتار