ٺل جي قبرستان ۾ اوڏ برادري جي عورت جو لاش دفنائڻ کان روڪڻ تي پيدا ٿيل تڪرار نبري ويو

0
322
اوڏ برادري جي عورت جو لاش

ٺل (ن پ ا) ٺل جي قبرستان ۾ اوڏ برادري جي عورت جو لاش دفنائڻ کان روڪڻ تي پيدا ٿيل تڪرار نبري ويو، چڱن مڙسن جي ٽياڪڙي سان اوڏ برادري جي عورت جو لاش دفنائڻ جي اجازت ڏني وئي آھي

 اوڏ برادري جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته سندن وڏڙا کنڊ واري قبرستان ۾ دفن ٿيل آهن، اڄ اوچتو ڪجهه ماڻهن چيو ته مسلمانن جي قبرستان ۾ اوڏ برادري جو لاش دفنائڻ نه ڏنو ويندو، اباڻو قبرستان ڇڏي ڪيڏانهن وينداسين، اوڏ برادري جي احتجاج بعد تر جي چڱن مڙسن ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪيو، اجازت ملڻ بعد عورت جو لاش قبرستان ۾ دفنايو ويو…