سنڌيت جي دائري ۾ آڻيو … شيربانو ڪاڪا

0
191

 اسماعيلي فرقي سان تعلق رکندڙ سنڌي گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مختلف سببن جي ڪري ننڍا ننڍا شهر ڇڏي وڏن شهرن ۾ آباد ٿيندا رهيا ۽ پوءِ آهستي آهستي پنهنجي سڃاڻپ ۽ ٻوليءَ کان به پري ٿيندا ويا..اسان جي ڪيترن نوجوانن کي اها خبر به نه هوندي ته سنڌي ٻوليءَ جي لکت جي شروعات گنان نالي شاعريءَ سان ٿي جيڪي اسماعيلي داعي پنهنجي فرقي جي ماڻهن ۾ تبليغ لاءِ سرجيندا هئا..

                         آغا خان يونيورسٽيءَ ۾ ذهني صحت جي مضمون ۾ ايم ايس ڪندڙ هيءُ نوجوان منهنجي ڪاليج ۾ پنهنجي ريسرچ متعلق ڊيٽا ڪليڪٽ ڪرڻ لاءِ آيو تعارف ڪرائيندي انگريزيءَ ۾ چيائين ته عمير بچلاڻي آهيان.. کيس ڀليڪار ڪندي پڇيم ته سنڌي اسماعيلي آهين؟ کلي فخر سان چيائين ته يس…

                         ساڻس ڪچهري ڪندي سندس وڏڙن جي باري ۾ پڇيم ته چيائين ته اهي جھرڪن جا هئا. جيڪو هن صرف هڪ ڀيرو ئي ڏٺو آهي.. کيس چيم ته بابا اها سنڌ جي بدقسمتي آهي ته اوهان جهڙي پڙهيل لکيل ۽ لبرل ڪميونٽي پنهنجي بنيادي شناخت کان هٽي وئي آهي ڇو ته انهن جي نئين نسل کي سنڌي ٻولي ڳالهائڻ به نٿي اچي.

 ٻئي پاسي رجعت پسند افغانن ۽ ڌارين جي لوڌ منصوبي بنديءَ سان هتي آباد ڪري سنڌ جو حقيقي چهرو مسخ ڪيو پيو وڃي..

عمير کي اهو به چيم ته اوهان کي گهرجي ته سنڌ ڌرتيءَ کي اون ڪيو ۽ پنهنجي ٻولي نه وساريو.. وڃڻ وقت سنڌي ڳالهائيندي اهو وعدو ڪيائين ته آئون ضرور ائين ڪندس. اها اسان جي سماجي ۽ سياسي ڌرين جي به ذميواري آهي ته ڪراچيءَ ۾ رهندڙ اصلوڪا جيڪي به سنڌي آهن انھن ۾ پنهنجو اثر رسوخ پئدا ڪري کين سنڌيت جي دائري ۾ آڻين. (فيس بوڪ تان ورتل)