پنهنجي سائنس … وائجر: انسان جو پري کان پري موڪليل اسپيس ڪرافٽ … محمد اسلم ڇڇر

0
121

  ڌرتي ۽ چنڊ جي گڏيل پھرين تصوير جيڪا 1977, ۾ وائجر ون 7.25 ملين ڪلوميٽر جي فاصلي تان ورتي ھئي، واضح رھي ته وائجر ھن وقت انسان جو پري کان پري موڪليل اسپيس ڪرافٽ آھي جيڪو ھن وقت ڌرتي 22 ارب ڪلوميٽر پري وڃي چڪو آھي ۽ 2012 ۾ ھي اسپيس ڪرافٽ اسان جي نظام شمسي مان نڪري ويو مزي جي ڳالهه ھن وقت تائين اھو سگنل موڪلي رھيو آھي…1977 ۾ ناسا پاران خلا ۾ ڇڏيل  اسپيس شٽل وائجر خلا ۾ 61 ھزار ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪري رھيو آھي ۽ ھن وقت به سگنل ۽ معلومات موڪلي رھيو آھي ناسا مطابق 2025 ۾ وائجر اسان سان آخري دفعو رابطو ڪندو ان کانپوءِ وائجر سان ڪو به رابطو ٿي نه سگھندو ۽ وائجر اڪيلو لامحدود لا متناهي خلا ۾ اڪيلو سفر ڪندو رھندو. ھن اسپيس شٽل بابت دلچسپ ڳالهه اھا آھي ته ته ھن تي سون جي پليٽ تي انساني شڪل مرد ۽ عورت اڪريل آھي ۽ انساني DNA به آھي ان کانسواءِ اسان جي گيلڪسي ڪھڪشان ۽ ان ۾ موجود اسان جي ڌرتي جي پوزيشن يا پتو به لکيل آھي، اڃان وڌيڪ ٻڌو ڪجھه ڊيٽا به موڪليو ويو آھي جنھن ۾ لڳ ڀڳ 55 ٻولين ۾ خوش آمديد چيو ويو آھي جن ۾ اردو، انگلش، ترڪي، عربي، بنگالي وغيره ٻوليون شامل آھن ان کان علاوه 100 جي لڳ ڀڳ زمين جي مختلف شھرن علائقن، شين جاندارن وغيره جون تصويرون به آھن ۽ 90 منٽن جي ميوزڪ به محفوظ ٿيل آھي  اھو ان ڪري ڪيو ويو آھي جو اگر ڪائنات ۾ انسان کان وڌيڪ عقلمند، ذھين مخلوق موجود ھجي ته اھا اسان سان رابطو ڪري. (فيس بوڪ تان ورتل)