ڇا صحت کاتو روز اسپتالن مان لاش نڪرڻ جو انتظار پيو ڪري ؟

0
176
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سنڌ ۾ معمول جي حالتن  بھ سرڪاري اسپتالن ۾ صحت جون سھولتون ڪو ايترو بھتر نھ ھيون جو ماڻھو مطمئن ھجي ھا پر ھن ٻوڏ کان پوءِ تھ صحت کاتي جي اھليت ،صلاحيت  نکري نروار ٿي پئي آھي.ٻوڏ جيڪي تباھيون ڪيون سي ڪيون پر ان کانپوءِ سڀ کان وڏو خطرو اھو ھو تھ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بيماريون وبائن جي صورت اختيار ڪري وينديون ۽ شايد ٻوڏ کان بھ وڌيڪ انھن بيمارين ۾ جاني نقصان ٿئي جيڪو خدشو يا خطرو درست ثابت ٿي رھيو آھي .ھن وقت ھر روز ڪيترن ماڻھن جي مرڻ جون خبرون اچي رھيون آھن پر سرڪاري صحت جي ادارن ۽ اسپتالن ۽ انتظاميا کي نھ انھن جي پرواھھ آھي نھ ئي ڳڻتي،جيڪڏھن پري ۽ ٻھراڙي جي  ڪنھن ڪنڊ ۾ بيمار ماڻھو ڊاڪٽر لاءِ رڙندا ۽ ڊڪندا وتن تھ وري بھ ڳالھھ سمجھھ ۾ اچي ٿي (ھن صورتحال ۾ تھ اتي بھ ڊاڪٽرن جي موجودگي ضرور ھجڻ گھرجي) پر جيڪڏھن ضلعي ھيڊڪوارٽر ۾ ماڻھو پنھنجي بيمار ٻچڙي کي کڻي سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽر کي ڳوليندو وتي تھ ان کان وڌيڪ صحت کاتي جي نااھلي جو ٻيو ڪھڙو ثبوت ٿي سگھي ٿو .اھا ڪا رڳو ھڪ ڪھاڻي ناھي پر روز سنڌ جي ڪنھن نھ ڪنھن شھر مان اھڙيون خبرون رپورٽ ٿي رھيون آھن ۽ صحت کاتو ۽ ان جا ڪرتا ڌرتا ڪن تي پٽڪو رکيون ستا پيا آھن.

 ھڪ ئي ڏينھن تي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۽ دادو جي سول اسپتال بابت ڇپيل خبرون ڊيڄارڻ لاءِ ڪافي آھن تھ اسان جي صحت جي نظام جي حالت وڃي ڪٿي پھتي آھي؟ اھي ٻئي خبرون انھن اسپتالن جون آھن جتي نھ ٻوڏ جو پاڻي پھتو آھي نھ ئي ڪنھن اھڙي علائقي ۾ آھن جتي اچ وڃ جو ڪو مسئلو ھجي. ٻن وڏن شھرن جي اسپتالن جي اھا حالت آھي تھ باقي ٻھراڙي جي صحت مرڪز ۽ ٻوڏ ھيٺ آيل علائقن جي صحت مرڪزن ۽ اسپتالن جي ڪھڙي حالت ھوندي اھو سمجھڻ ڪو ايڏو ڏکيو ناھي.مطلب ماڻھن جي جان جي حفاظت ۽ انھن کي بيمارين کان بچائڻ لاءِ جيڪي ماڻھو عوام جي ٽئڪس جي پئسن مان مقرر ٿيل آھن اھي ئي انھن جي موت جو ڪارڻ بڻجي رھيا ھجن تھ ان کان وڌيڪ انڌير نگري ڪھڙي ھوندي.خبر آھي تھ   اتر سنڌ جي وڏي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ مسلسل مريضن جي تعداد ۾ واڌ کان پوءِ وارڊ ۾ بسترن جي کوٽ پيدا ٿي وئي جتي ڊاڪٽرن مريضن کي فرش تي سمهاري علاج ڏنو. اهڙي صورتحال هجڻ ڪري پيرسن مريض الھه ڏنو شيخ کي سندس وارث علاج لاءِ ايمرجنسي وارڊ آندو جتي بسترو نه ملڻ ڪري وارثن کيس فرش تي سمهاري ڇڏيو جتي پيرسن تڙپي تڙپي دم ڏئي ڇڏيو. ھوڏانھن صحت کاتي پاران دادو اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ باوجود اسپتال جي ٻارن واري وارڊ ۾ ارسلان پٽ نظير لغاري،آڪاش ڪولاچي،سڪينا پهوڙ، احسان سولنگي ۽ وحيد برهماڻي سميت 10 ٻارن کي مليريا ۽ تيز بخار سبب آندو ويو پر ڊيوٽي ڊاڪٽر جي غير موجودگي سبب والد ۽ مائرون ٻارن کي هنج ۾ کڻي ڊاڪٽر نه هئڻ ڪري دانهون ڪندا رهيا ۽ تيز بخار سبب معصوم ٻار تڙپندا رهيا. سندن والدين آهون ۽ دانهون ڪندي هڪ هڪ روم ۾ ڊاڪٽر کي ڳوليندا رهيا، ڊاڪٽر نه هئڻ ڪري والدين زارو قطار روئيندا رهيا ۽ پنهنجن  پيارن کي بيهوشي جي حالت ۾ خانگي ميڊيڪل سينٽرن ڏانهن کڻائي ويا آهن. ھي تھ رڳوصحت کاتي جي ڪارڪردگي جا ڪجھھ مثال آھن جيڪي ميڊيا يا سوشل ميڊيا جي ذريعي عوام آڏو آيا آھن پر اھڙي حالت سنڌ جي ھر شھر ۾ آھي.ھن وقت ٻوڏ کانپوءِ جيڪو سڀ کان وڏو چئلينج آھي اھو صحت کاتي لاءِ آھي ڇاڪاڻ تھ ٻوڏ جي ڪري بيماريون کنڀين وانگر ڦٽي پيون آھن پر صحت کاتو پنھنجي روايت مطابق ٻلي پير ڪم ڪري رھيو آھي.

اسان سمجھون ٿا تھ جيڪي ماڻھو اسپتالن ۾ پھچڻ باوجود ڊاڪٽر نھ ھئڻ ڪري مري رھيا آھن يا انھن جو علاج نھ ٿو ٿئي ان جو ذميوار اھو صحت کاتو ۽ ان جا اعلي ٰ عملدار آھن جيڪي ھن ايمرجنسي واري صورتحال ۾ بھ پنھنجي عملي کي رڳو ڊيوٽي جو پابند نھ ٿا بڻائي سگھن،تنھن ڪري صحت کاتو اکيون کولي ان کان اڳ جو روز اسپتالن مان لاش نڪرڻ جون خبرون اچن ۽ عوام پنھنجي پيارن جا لاش ڏسي بي قابو ٿي وڃي.