روهڙي (ن پ ا) روهڙيءَ ۾ ايڪسائيز پوليس ڇاپو هڻي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدارن جي قبضي مان 60 ڪلو چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ. انسپيڪٽر قمرالدين سيال جي سربراهيءَ ۾  ايڪسائيز پوليس ٽيم پاران موٽر وي انٽر چينج موڙ وٽ ڪارروائي ڪندي ويگو گاڏيءَ مان 60 ڪلو چرس هٿ ڪري ٽن جوابدارن، بابر خان، عصمت الله ۽ علي احمد پٺاڻ کي گرفتار ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ ايڪسائيز پوليس جو چوڻ آهي ته ڪامياب ڪارروائي ڪري پنجاب کان ڪراچي منشيات منتقل ڪرڻ جي وڏي منصوبي کي ناڪام بڻايو آهي.