ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان هندو ڪائونسل پاران ڪرشن ساگر چيف ڪوآرڊينيٽر هندو ڪائونسل، مهيش راجا ڪوآرڊينيٽر ۽ مهيش ڏوڏاڻي ڊائريڪٽر اقليتي معاملا سنڌ حڪومت، ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي، سيڪريٽري شعيب احمد، وائيس چيئرمين مشتاق سهيل ۽ گورننگ باڊي جي ميمبرن شمس ڪيريو، ذوالفقار راڄپر، ذوالفقار واهوچو ۽ ٻين کي هولي جي مبارڪباد ڏيڻ بعد اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا.  جنهن کانپوءِ عهديدارن ۽ ميمبرن ضياءَ قريشي، مشتاق تنيو، صلاح الدين عباسي ۽ اسلام آباد جي صحافي قربان بلوچ ۽ هندو ڪائونسل جي اڳواڻن گڏيل طور هولي جو ڪيڪ ڪاٽيو. سعيد سربازي چيو ته ڪراچي پريس ڪلب ۾ هميشه رواداري جو ماحول رهيو آهي امن، سڪون ۽ انسانيت جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ اسان کي گڏجي تھوار ملهائڻ گهرجي.  هندو ڪائونسل جي اڳواڻن ڪرشنا ساگر،مھيش راجا ۽ مهيش ڏوڏاڻي چيو ته اسان ڪراچي پريس ڪلب جا ٿورائتا آهيون جنهن ڪلب ۾ هولي جو مختصر جشن ملهايو ۽ نه رڳو ملڪ ۾ مختلف مذهبن جي وچ ۾ ڀائيچاري، رواداري ۽ امن جو پيغام ڏنو. ان سان گڏ هولي جو ڏهاڙو هن ملڪ ۾ پاڪستان جي خوشحالي، امن ۽ رواداري جو پيغام پکيڙڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.