لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) ايس ايس پي لاڙڪاڻو شهيد ڪوٽا تحت امتحانن ۾ميرٽ جي بنياد تي پاس ٿيل 7 اميدوارن کي اي ايس آءِ جا آرڊرڏنا. شهيد اي ايس آءِ منظور سانگي جي پٽ منصور، شهيد اي ايس آءِ مظفر کوسو جي پٽ بشير، شهيد پوليس اهلڪار عبدالشڪور ٻپڙ جي پٽ نويد، شهيد پوليس اهلڪار اشفاق جي ڀاءُ ڪاشف جتوئي، شهيد سب انسپيڪٽر غلام قمبر ڪنڀر جي پٽ علي گوهر، شهيد پوليس اهلڪار رحيم بخش گهانگهرو جي پٽ رحمت الله، شهيد اي ايس آءِ محمد ياسين جماراڻي جي پٽ وسيم کي آرڊر ڏنا ويا. ان موقعي تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو آرڊر حاصل ڪندڙ نوجوانن کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته اسان کي پختو يقين آهي ته توهان پنهنجون ذميواريون بهتر نموني نڀائيندا ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته سنڌ پوليس پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهي، اهي هميشه اسان جي دلين ۾ زنده رهندا.