لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ گرلز ڊگري ڪاليج ۾ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي .شاگردياڻين اصيلا بروهي، زم زم، مقدس ڀٽو، فضا چانڊيو، فاطمه منگي، دلشاد ميراڻي، رفيعه مغل عورتن جي موضوع تي ٽيبلوز پيش ڪرڻ سان گڏ جوشيلي انداز ۾ تقريرون ڪري تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.پرنسپال نذهت جبين شاهه ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته عورت کان سواءِ ڪائنات جو تصور ناممڪن آهي، عورتن کي ڪمزور نه سمجهيو وڃي ۽ انهن جي حقن جو خاص خيال رکيو وڃي.