ڪراچي(ڪامرس نيوز) ڪالهه ملڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ وري معمولي گهٽتائي ٿي. ڊالر انٽربينڪ ۾ 5 پئسا ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ هڪ رپيو سستو ٿي ويو. ڪالهه انٽربينڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿي، 5 پئسن جي گهٽتائي سان 277 رپيا 87 پئسا ٿي بند ٿيو. جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر هڪ رپيو سستو ٿيو ۽ وڪري جي قيمت 280 رپيا رهي. برطانوي پائونڊ 2 رپيا 70 پئسا سستو ٿي 333 رپيا، ڪينيڊين ڊالر هڪ رپيو 80 پئسا، چيني يئان 26 پئسا سستو ٿي 40.19 رپيا، يورو 2 رپيا سستو ٿي 295 رپيا 50 پئسا ٿي ويو. بحريني دينار جي قيمت 741 رپيا 9 پئسا، ڪويتي دينار 899 رپيا 50 پئسا، اوماني ريال 724 رپيا 76 پئسا، قطري ريال 72 رپيا 54 پئسا ۾ وڪرو ڪيو ويو.