ڪراچي(ڪامرس نيوز) سون جي اگهه ۾ 550 رپيا تولو گهٽتائي ٿي وئي. رپورٽن موجب ڪالهه سونارا مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي نظر آئي. لاڙڪاڻي ۾ في تولي جي قيمت 550 رپيا گهٽجي وئي. هڪ ڏينهن اڳ سون جو تولو هڪ لک 98 هزار 350 رپين هو جيڪو گهٽجي هڪ لک 97 هزار 800 رپين جو ٿي ويو. جڏهن ته چاندي جي قيمت 10 رپيا في تولو جي گهٽتائي سان 2230 رپيا تولو ٿي وئي. ڪراچي جي مارڪيٽ ۽ لاڙڪاڻي جي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ 550 رپين جو فرق رهيو. ڪراچي ۾ سون جي قيمت ڪالهه 650 رپيا تولو گهٽجي وئي ۽ في تولو هڪ لک 97 هزار 300 رپين جو ٿي ويو. ڪالهه عالمي مارڪيٽ ۾ به سون سستو ٿيو.