ابوظهبي (م ڊ)  پاڪستان کي يو اي اِي ۾ وڏي سفارتي ڪاميابي ملي  وئي آهي. گڏيل عرب امارتن جي صدر پاڪستان ۾ 10 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي.  وزيراعظم شهباز شريف متحده عرب امارات جي ٻن ڏينهن جي دوري تي پهچي ويو آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب وزيراعظم سان گڏ ڪابينه جي اهم وزيرن تي ٻڌل وفد به شامل آهي. وزيراعظم جي پنهنجي چونڊ کان پوءِ اهو متحده عرب امارات جو پهريون دورو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي دوري دوران متحده عرب امارات جي صدر ۽ ابوظهبي جي حڪمران شيخ محمد بن زايد سان ملاقات  ڪئي.  ذريعن موجب يو اَي اِي جي صدر شيخ محمد بن زايد وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات دوران پاڪستان ۾ 10 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. صدر شيخ محمد بن زايد النهيان چيو ته يو اَي اِي پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالوجي (آءِ ٽي)، قابل تجديد توانائي ۽ سياحت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪندو.  ملاقات ۾ وفاقي وزير خواجه آصف، ڄام ڪمال خان ۽ ٻيا به وزيراعظم سان گڏ هئا.  ان کان اڳ ابوظهبي ۾ آءِ ٽي ڪمپنين وچ ۾ ڀائيواري تي رائونڊ ٽيبل سيشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته گڏيل عرب امارتن کان قرض نه گڏيل سيڙپڪاري چاهيون ٿا، ڪستو ڀڃي ڇڏيو آهي، ان ڪستي سان اسان ڪٿان جا نه رهنداسين. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته يو اي اي جي باصلاحيت آءِ ٽي پروفيشنلز کي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي، اهي معيشت جي سڀني شعبن جي ڊجيٽلائيزيشن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان گذريل اڍائي مهينن ۾ آءِ ٽي شعبي لاءِ قدم کنيا، ڪوشش آهي ته پاڪستان ۾ به ڊجيٽلائيزيشن جو عمل تيزي سان مڪمل ٿئي، يو اي اي سان گڏجي پاڪستاني معيشت کي مستحڪم ڪرڻ چاهيون ٿا. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، گڏيل عرب امارتن جو صدر پاڪستان جو عظيم دوست آهي، اسان يو اي اي کان قرض نه گڏيل سيڙپڪاري چاهيون ٿا. هن چيو ته سيڙپڪاري ۾ واڌ لاءِ يو اَي اِي جي ڪوششن کي ساراهيون ٿا. ابو ظبهي فنڊ فار ڊولپمينٽ جي وفد کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني وئي.