شگر مل مالڪن جي کنڊ امپورٽ نه ڪرڻ تي ملون بند ڪرڻ جي ڌمڪي، حڪومت فيصلو ڪرڻ ۾ ناڪام

0
33
شگر مل مالڪن جي کنڊ امپورٽ نه ڪرڻ تي ملون بند ڪرڻ جي ڌمڪي، حڪومت فيصلو ڪرڻ ۾ ناڪام
شگر مل مالڪن جي کنڊ امپورٽ نه ڪرڻ تي ملون بند ڪرڻ جي ڌمڪي، حڪومت فيصلو ڪرڻ ۾ ناڪام

اسلام آباد (م ڊ) شگر ملز مالڪن چيو آهي ته کنڊ ٻاهر  نه موڪلي ته 40 ملن کي تالا لڳي ويندا، ڪريشنگ نه ٿي سگهندي، آبادگارن جا 40 ارب ٻڏي ويندا. کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت گھري وئي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ خاص اجلاس ٿيو، جنهن ۾ کنڊ ايڪسپورٽ بابت معاملن جو جائزو ورتو ويو

وزيراعظم جو چوڻ هو ته شگر ملون سڄو سال 140 رپيا في ڪلو فيڪٽري قيمت جي خاطري ڪرائين، ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت ۾ اضافو ڪنهن به صورت قبول نه ڪيو ويندو. هن چيو ته کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جو فيصلو اقتصادي رابطا ڪميٽي ڪندي.  اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي ته کنڊ ايڪسپورٽ نه ٿي ته ايندڙ سيزن ۾ شگر ملن جو ڏيوالو نڪري ويندو. ايڪسپورٽ نه ٿيڻ تي ايندڙ سيزن ۾ 40 شگر ملون بند ٿي وينديون

شگر ملون هلندڙ سيزن ڪمند جي آبادگارن کي 800 ارب رپين مان 760 ارب رپيا ڏئي چڪيون آهن. شگر ملن کي اڃا به آبادگارن کي 40 ارب رپيا ڏيڻا آهن. ملڪ ۾ هاڻي به 15 لک ٽن اضافي کنڊ موجود آهي جيڪڏهن 5 لک ٽن کنڊ ايڪسپورٽ ڪئي وئي ته ملڪ کي 26 ڪروڙ ڊالرن جي آمدني ٿيندي. هوڏانهن يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن وزيراعظم پيڪيج تحت وڌيڪ کنڊ خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

\ان ڏس ۾ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن 35 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ جي خريداري لاءِ ٽينڊر جاري ڪيو ويو آهي. ٽينڊر تحت 10 جون آڇون گھرايون وينديون. آڇون ان ئي ڏينهن کوليون وينديون يوٽيليٽي اسٽورز ڪجهه ڏينهن اڳ به وزيراعظم پيڪيج تحت 141 رپيا  20 پيسا في ڪلو جي حساب سان کنڊ خريد ڪئي هئي. خرچ ملائي ڪارپوريشن کي کنڊ 156 رپيا في ڪلو ۾ پئي هئي.  بي آءِ ايس پي صارفين لاءِ کنڊ جي قيمت 109 رپيا مقرر ڪيل آهي. عام خريدار لاءِ کنڊ جي قيمت 155 رپيا في ڪلو آهي