اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ايپڪسن ڪميٽي جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي، اجلاس ۾ خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور کي شرڪت جي دعوت ناهي ڏني وئي. اجلاس اڄ صبح پوڻي ٻارهين وڳي وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندو. جنهن ۾ پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان جا وڏا وزير شريڪ ٿيندا، ڪي پي جي وڏي وزير کي دعوت ناهي ملي. اجلاس ۾ سڌ سماءُ وارو وزير، گھرو وزير، بچاءُ ۽ رٿا بندي وارا وزير، تجارت، قانون ۽ انصاف توڙي پاڻي وسيلن وارا وزير به شرڪت ڪندا. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار به هن اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، جڏهن ته چئني صوبائي سيڪريٽرين کي به اجلاس ۾ گھرايو ويو آهي. هوڏانهن ڪي پي حڪومت جي ترجمان بيرسٽر سيف رد عمل ڏيندي چيو آهي ته شهباز شريف جي جعلي فار 47 حڪومت ڪي پي سان تعصب جي انتها تي پهچي وئي آهي. ايس آءِ ايف سي جي اجلاس ۾ وزيراعليٰ کي دعوت ناهي ڏني وئي، جعلي حڪومت ملڪ کي صوبائيت ڏانهن ڌڪي رهي آحي. قدرتي وسيلن سان مالامال صوبي جي قسمت جو فيصلو وزيراعليٰ جي غير موجودگي ۾ قبول نه ڪيو ويندو. ڪي پي حڪومت هن تعصباڻي قدم جي سخت مذمت ڪري ٿي. هوڏانهن ڪي پي جي ناڻي بابت صلاحڪار مزمل اسلم چيو آهي ته اجلاس ۾ ڪي پي جي وزيراعليٰ کي نه گھرائڻ عوامي مينڊيٽ جي توهين آهي.