اسلام آباد (م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ محمد زبير چيو آهي ته 2024ع جي چونڊ پي ٽي آءِ کٽي هئي. خانگي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي محمد زبير چيو ته نواز شريف کي ليڊر مڃيان ٿو. مريم نواز جيڪڏهن مزاحمت جي سياست نه ڪري ها ته مسلم ليگ ن ٻُڙي ٿي وڃي ها.  هن چيو ته نواز شريف جو ترجمان ٿيڻ منهنجي لاءِ اعزاز هو. ن ليگ جا ٻه بيانيا هئا هڪ مزاحمت جو ٻيو مفاهمت جو.  نواز ۽ مريم مزاحمت ۽ شهباز مفاهمت جي سياست ڪئي. هن چيو ته ڪراچي ۾ رهندي ن ليگ جي سياست ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي. پارٽي اڃا مون کي شوڪاز نوٽيس جاري ناهي ڪيو. مفامت کان مزاحمت جي سفر ۾ مونکي اسٽيڪ بورڊ بڻايو ويو. هن چيو ته ن ليگ ۾ آهيان يان  نه فيصلو پارٽي ڪندي. ٻئي پاسي وفاقي وزير راڻاثناءُ الله چيو آهي ته محمد زبير مسلم ليگ ن جو ئي حصو آهي. کيس پارٽي مان ناهي ڪڍيو ويو.