اسلام آباد (م ڊ) پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان بي ناموسي وارو بل واپس موڪلڻ جوا شارو ڏيندي چيو آهي ته منهنجي خواهش آهي ته هن بل تي نظرثاني ڪئي وڃي. صحافين، انتطاميا ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي مشاورت کان پوءِ جيڪڏهن اهو قانون آندو وڃي ته بهتر ٿيندو. هن چيو ته مون اڃا بل ناهي پڙهيو، بل کي پڙهندس ۽ پنهنجي قانوني ٽيم سان به ان تي ڳالهائيندس. هن چيو ته منهنجي ضرورت پئي ته هن تي مشاورت ۾ آئون به شامل ٿي ويندس. اسان سڀ گڏجي ويهون ۽ ان کي ڏسون ته هن بل ۾ ڪهڙيون شيون آهن جن کي ڪڍڻ گھرجي، اهي ڪڍي ٻيهر آندو وڃي. اميد آهي ته بي ناموسي قانون جو ٻيهر جائزو ورتو ويندو.  امڪان آهي ته صوبائي حڪومت کي هن قانون تي نظرثاني جو چوان. جيڪڏهن هن تي نظرثاني نه ڪئي وئي ته پوءِ ارڙهين ترميم ۾ اسان سڀ ڪجهه ڏئي ڇڏيو آهي ان ڪري اهو سڀ ڪجهه برداشت ڪرڻو پوندو.  هن چيو ته بي ناموسي قانون ڪو حرف آخر ناهي. سڀني اسٽيڪ هولڊرن سان ڳالهائڻو پوندو.