راولپنڊي: (م ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ aڊاڪٽر ياسمين راشد جي طبيعت کي ڊاڪٽرن ڳڻتي جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. الٽي سبب ان جي جسم ۾ پاڻي گهٽ ٿي چڪو آهي. ڊاڪٽر ياسمين راشد جي صحت بابت سينٽرل جيل جي ايم او جي رپورٽ سامهون اچي وئي آهي. ميڊيڪل آفيسر رپورٽ ۾ ڊاڪٽر ياسمين جي صحت کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو ۽ چيو ته سخت گرمي سبب ان جي طبيعت خراب ٿي آهي هن وقت ان جو بلڊ پريشر 110/160 آهي. ميڊيڪل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر ياسمين راشد گذريل ڏينهن کان ڪجهه به کائي پئي نه سگهي آهي الٽي سبب ياسمين راشد جي جسم ۾ پاڻي گهٽ ٿي چڪو آهي. سروسز اسپتال ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جو علاج جاري آهي. خبرون ڏيندڙ اداري موجب اسپتال ذريعن ٻڌايو آهي ته ياسمين راشد کي ڊائريا ٿي ويو آهي. سخت گرمي جي ڪري آءِ جي جيل پنجاب جيل ۾ ايئرڪولر لڳائڻ جو حڪم ڏنو جيڪو اڃان تائين نه لڳي سگهيو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڊاڪٽر ياسمين راشد ڪوٽ لکهپت جيل ۾ بيهوش ٿي وئي هئي جنهن کان پوءِ کيس سروسز اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.