اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي موسمي تبديلين بابت مامرن جي ڪوآرڊينيٽر رومينا خورشيد عالم چيو آهي ته پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان جا 26 ضلعا گرمي جي لپيٽ ۾ آهن،  گرمي جي لهر سبب فصلن ۽ گليشيئرز تي سڌي ريت اثر پئجي رهيا آهن. جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ معمول کان وڌيڪ برساتون ۽ گرمي پڌ وڌڻ جو امڪان آهي. ٻيلن ۾ سگريٽ جي استعمال کان پاسو ڪيو وڃي. اين ڊي ايم اي جي نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ اڄ کان سخت گرمي جي لهر شروع ٿي وئي آهي، اھو ھن جو پھريون ھفتو آھي، ھن جا ٽي اسپيل اچڻا آهن. هن چيو ته پنجاب جا 9 ، سنڌ جا 13  ۽ بلوچستان جا 4 ضلعا گرميءَ جي لپيٽ ۾ آهن، وڏي عرصي کانپوءِ گلوبل وارمنگ ٿي رهي آهي، ان سان اسان جي فصلن کي نقصان پهتو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعظم موسمياتي تبديلي تي عالمي فورمن تي بحث ڪيو آهي، هر ايندڙ ڏينهن اسان لاءِ چئلينجن جو ڏينهن آهي.  اين ڊي ايم اي ميمبر محمد ادريس چيو ته نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر جو مقصد اڳواٽ آگاهي، قدمن ۽ حڪمت عملين کي ترتيب ڏيڻ آهي