ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو آهي ته جڏهن 13 يرغمالي بازياب ٿيا ۽ ڌاڙيل مارجي رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ اهو سوال ڪرڻ ته پوليس ڪامياب آهي يا نه؟ تعجب جوڳو آهي، سنڌ جون حالتون اڳي کان بهتر آهن، مون کي پوليس آفيسرن کان پوري اميد آهي ته اهي بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندا، سکر ۾ ايس ايس پي ۽ ڊي آءِ جي نوان لڳايا آهن، پنو عاقل مان اغوا ٿيل ٻالڪ کي 24 ڪلاڪن ۾ بازياب ڪرايو ويو، هن چيو ته پوليس آفيسرن کي ٽائيم لائين نه ڏنم، ضلعن ۾ امن امان جي صورتحال خراب هوندي، اتان جي ايس ايس پيز کي شوڪاز نوٽيس ڏنو ويندو، اڳ ۾ ايس ايچ او معطل ٿيندا آهن ته ايس ايس پي نوان ايس ايچ او لڳائي ڇڏيندا آهن پر حالتون ساڳيون رهنديون آهن، هر ضلعي ۾ حالتن جي ذميواري ايس ايس پي جي آهي، ڊويزنن ۾ ڊي آءِ جيز کي به ذميواري کڻڻي پوندي. هن چيو ته اسان تي تنقيد ٿيندي آهي ته ننڍن آفيسرن کي فارغ ڪندا آهيون پر وڏن آفيسرن خلاف ڪاروائي نه ٿيندي آهي، ان ڪري هاڻي ايس ايس پيز کي ذميوار قرار ڏنو آهي