سکر (بيورو رپورٽ) غزڪستان جي شهر بشڪيڪ ۾ ڦاٿل پاڪستانين وارو معاملو، ڪالهه سکر واسي 3 نوجوان پنهنجي ساٿين سان گڏ ڏيهه پهچي ويا، ڊاڪٽر شايان سميجو، ڊاڪٽر اُسامه ڪورائي، ڊاڪٽر ماجد ڪورائي، ملتان واسي سميع ملڪ ۽ بهاولپور واسي ٻه شاگردياڻيون ڏيهه پهتيون، سکر واسي نوجوانن حڪومتي دعوائون رد ڪري ڇڏيون، اِن ڏس ۾ ڊاڪٽر شايان، ماجد ڪورائي ۽ اُسامه ڪورائي دعويٰ ڪندي چيو ته اسان پنهنجو خرچ ڀري پاڪستان پهتا آهيون، سفارتخاني وارا فون اٽينڊ ڪرڻ لاءِ به تيار نه هئا، بشڪيڪ ۾ حالتون انتهائي خراب هيون، ٽائيم نيوز سميت پوري پاڪستان جي ميڊيا جا ٿورائتا آهيون، جن اسان جو آواز اٿاريو.