ڀريا سٽي (ن پ ا) اليڪشن ڪميشن هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري سنڌ جي 13 ضلعن ۾ ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي سيٽن کي خالي قرار ڏنو آهي، انهن سيٽن ۾ ڀرياسٽي جي چيئرمين سيد نورمحمد شاهه جي سيٽ به شامل آهي، جنهن کي خالي قرار ڏنو ويو آهي، نوٽيفڪيشن موجب اميدوار سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع جي سيڪشن 18 بي تحت قسم کڻڻ بعد مقرر وقت اندر پنهنجي آفيس جي چارج نه وٺي سگهيا آهن، جنهن ڪري انهن سيٽن کي خالي قرار ڏنو وڃي ٿو.