ٺل (ن پ ا) ٺل ويجھو 3 سال ڳڙھي حسن ۾ سرڪي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ملڪيت جي تڪرار تان نوجوان فرحان سرڪي جي قتل جو جرڳو ڳڙھي حسن سرڪي ۾ ذوالفقار سرڪي جي سرپئنچي ھيٺ ٿيو، جتي غلام ياسين سرڪي ۽ عبدالرشيد سرڪي جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد عبدالرشيد سرڪي مٿان نوجوان جو قتل ثابت ٿيڻ تي مٿس ھڪ ڪروڙ 26لک ڏنڊ رکيو، جتي عبدالرشيد سرڪي ڌر پاران موقعي تي غلام ياسين سرڪي کي پنج لک ادا ڪيا ۽ جھولي جھلڻ تي پنج لک معاف ڪري ويا، نبيري ۾ بقايا رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪرڻ جي فتوي ٻڌائي وئي ياد رھي ٽي سال اڳ سرڪي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ملڪيت جي تڪرار تان جھيڙي دوران نوجوان فرحان سرڪي کي دڪان تي گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو ھو