رقيه جي جرڳائي جسٽس ليگ ۽ رضيه جا راڄوڻا فيصلا

0
152
سنڌ ۾ ڪارنهن جو ڪاروبار ۽ ڪوٽن جون قيدياڻيون

 دوستو! اگر آڏي پڇا کان آجو رکو ته اڄ پاڻ کي پهرين صف ۾ رکي مرداڻي سماج جو مالش مناسب سمجهي ڦڪا ڳنا چوسڻ جي فنڪاري ڪيان پيو. ڇا ڪاڻ ته اها موضوع جي محتاجي آهي. عورت معاشري جي عمارت سازي جو عمدو باب آهي مگر ساڻس مرد جي مادر پدر آزاد مارشلائي نظام جي اختيار ڪيل انياءُ وارو سلسلو صدين تي محيط آهي، جنهن ۾ نسواني نسل سان ناجائزين جا ڪيئي ناول ۽ ڪربناڪ ڪهاڻيون لکيون ويون آهن. جن جو لکيو بيان ڪرڻ لاچاري آهي. اها عورت ماءُ جي صورت ۾ مڻيادار مرڪب آهي جيڪا مامتا جو مرڪزي ڪردار ۽ قرب جي ڪهڪشان هئڻ جي باوجود مفتوحه مخلوق سمجهي ڪڙم لاءِ ڪموڊٽي کان وڌيڪ ڪجهه سمجهيو ڪين ويو آهي ۽ ڌي جي صورت ۾ ڌرم ڪرم هئڻ جو باوجود پرايو ڌن يا ڪکن جو ڪردار سمجهي سندس حقن سان هيراڦيري ڪئي وڃي ٿي. ڀيڻ جي صورت ۾ ساڻس ڀائيوار کان ڪني ڪترائي سندس آدرش ۽ ارمان انا جي انڌي اڏي تي قربان ڪيا وڃن ٿا. ان زائفان کي زال جي صورت ۾ زوجيت جي مڙني زاوين کان محروم ڪري کيس اشياءِ ضرورت کان وڌيڪ ڪابه اهميت ڪانه ٿي ڏني وڃي، بلڪه کيس زر زمين زن جي اذيتناڪ القابن سان مخاطب ڪري جهيڙي فتني ۽ فسطاعيت جو فني پاسو تصور ڪيو وڃي ٿو ۽ مشهور چوڻي ته عورت کي فقط کڙي ۾عقل هوندو آهي جيڪو شام جو موڪلائي وڃي ٿو، جي مندرجات موجب آئي روز بي آبرو ڪيو وڃي ٿو. ان کان علاوه معاشري جا اهي مقاطعيدار مرد شوخ شهپر وٺي جملي جرائيم جا جنوکڙ اجلالي، مست موالي مئڪدي ۽ مئخاني جا مسندنشين ۽ پهرئين درجي جا پاپي پيا پردي جا پاڪيزا خيال پيش ڪري ماين جي مٿن تي مسيتن جا قبا سجائي صنف نازڪ ۽ سنگين سمجهي عورت کي انياءَ واري اڪيڊمي مان گذاري پيا غير فعال غيرت جو مظاهرو ڪندا . ڪٿي ستي جتي جا سنوڻ سيکاري يا ستن قرآنن سان نڪاح جا ناٽڪ رچائي دقيانوسيت جا درس دهرائي چوديواري ۾ چوکنڀو رکي سندن چاهتون چڪنار چور ڪري پيا چوڪيداري ڪندا يا وري طمع جي تڪميل يا تلخي تي ڪارڪنن جون ڪارستانيون انجام ڏيئي پيا قيس ڪندا، جن خلاف عورتن جون ڪيتريون ئي انجمنون نسواني نيات خلاف ندامت وارن نياپن ۽ سنيهن ۾ سراپا آهن.

سڌسماءُ جي ذريعن کان مليل سماچار موجب سرحد صوبي جي حسين وادي هزاره جي مانسهره ضلعي جي مجاهد ماين ڪنهارندي جي ڪنارن تي قائم ڳوٺن جهڙوڪ جهانگير، بستي بارڪوٽ، ڪرنول ۽ ڪوٽ ڳڙهي حبيب الله جي باهمت ماين کي متحد ڪري عورتاڻي استحڪام لاءِ هڪ عظيم انجمن رقيه بي بي جي رهنمائي ۾ ترتيب ڏني آهي، جنهن ۾ تر جي تواني آواز وارين ماين تي مشتمل هڪ سترهن رڪني فهميده فيصلن واري ڪاميٽي به قائم ڪئي آهي، جيڪا رقيه جي سربراهي ۾سرسري سماعت سرانجام ڏيئي اڪيچار فيصلا ۽ فتوائون جاري ڪري ڪاميابي سان علائقي ۾ سرچاءُ واري ساک قائم ڪري چڪي آهي. عورتن سان انياءُ خلاف قائم هن جسٽس ليگ جي عورت ارڪان کان ڪاميٽي سان ڪمٽمينٽ نڀائڻ لاءِ قرآن تي قسم نامو ورتو وڃي ٿو جنهن ڪري انحرافي جو انومان گهٽ رهي ٿو. شروع ۾ مُلاڻي مخلوق جي اعتراض تي سرڪار سندن خلاف پابندي به عائد ڪئي، مگر سول سوسائٽي جي سنجيده ماڻهن جي سهڪار سان اهي مايون مُلن کي مات ڏيڻ ۾ڪامياب ويون ۽ مُلن تي واضح ڪيائون ته اوهان جو ڪم آهي نو مولود ٻارن جي ڪنن ۾ آذان ڏيڻ، جنازن کي جائتو ڪرڻ، مڙهه مقامن ۾ پهچائي دوزخ جا دڙڪا ڏيڻ ۽ دهمان ڪرڻ کانسواءِ مذهب جو مقاطعيدار ٿيڻ جو هر گز موقعو نه ڏينداسون. جيڪڏهن اوهان کي عورت ذات سان ايڏو به مسئلو آهي ته اهو لکي ڏيو ته اڄ کانپوءِ اسان کي عورت جي پيٽ مان پيدا نه ٿيڻو آهي نه ته اوهان جي ڪابه دعويٰ درست ته ڪو نه سمجهي ويندي.

عورتن جي اها جبر خلاف جرڳائي جسٽس ليگ  2014ع ۾ قائم ٿي آهي، جيڪا ڌرين کي نوٽس ڏئي فيصلي تي آماده ڪرڻ جو اگريمينٽ لکائڻ بعد فريقين کي گهرائي هر هڪ ڌر جو ڌار ڌار ڪمرن ۾ ويهاري موقف يا دلائل لکت ۾وٺڻ بعد اها جرڳائي ڪاميٽي پاڻ ۾مشاورت مڪمل ڪري، شرعي، قانوني ۽ سماجي پهلوئن جو پسمنظر جي پيش نظر مڙني پاسن کي پروڙي فيصلي جي فتويٰ جاري ڪري ٿي. سندن فيصلائتي ساک جي سچائي جي اها حد آهي ته پوليس ٿاڻا ۽ عدالتون به ممڪن حدتائين مڃتا بخشڻ لڳيون آهن. بلڪه ڪيترائي فيصلا هن جرڳائي ڪاميٽي ڏانهن رفر به ڪيا وڃن ٿا، هن وقت تائين هي ڪاميٽي 100 کان مٿي فيصلا ڪري سوين خاندانن ۾ سرچاءُ ڪرائي چڪي آهي، جنهن ڪري پوري پسگردائي ۾ سندن ناما چاري نمايان ٿيڻ لڳي آهي.

سنڌ ۾ نافذ سرداري نظام جي جرڳائي جڙتو ۽ فرمائشي فيصلن جي فنڪاري کان هرڪو واقف آهي، هن نظام جي ناڪاري اثرن پوري سماج کي ساڻو ڪري ڇڏيو آهي، جتي ڀاڳيو ڀرم رکڻ لاءِ چور کي به چٽي ڀري ڏي ٿو. اهڙي حالت ۾ سنڌ جي هڪ سچار عورت جي راڄوڻي فيصلن جي رام ڪهاڻي بيان ڪرڻ لازمي سمجهان ٿو. لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ جي ٻن ڪليدي ڪٽنبن چانڊين ۽ مگسين جي پاڻ ۾ مٽي مائٽي به آهي، جن جي لڙهه لاڙڪاڻي مان لنگهي بلوچستان ۾بس ڪري ٿي، جيڪي هسٽري ۾ هڪٻئي سان حجتي سان گڏ هٺيلا به هيڪاندي حساب سان رهيا آهن، جن جا انگريزن سان اليڪ سليڪ جا انيڪ مثال ملن ٿا. سندن ڪئمپ جي هڪ ڪارائتي فرد موجب جيڪو روينيو جو اعليٰ آفيسر پڻ رهيو آهي ته چانڊين جي جاگير چوکي يعني 999999 ايڪڙن تي مشتمل آهي، جيڪا انگريزن عطا ڪئي آهي ته مگسين به مطالبو ڪيو ته کين به ايتري ئي ايراضي عطا ڪئي وڃي ته سندن خواهشن کي خاطر ۾ رکندي کين به 999999 ايڪڙ ايراضي بطور انعام ڏني وئي.

 مگسين جا مهندار نواب يوسف خان مگسي ۽ سندس ڀاءُ سيف الله مگسي جي جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب سان سنگت سرس هجڻ ڪري ڀٽي صاحب يوسف خان کي بلوچستان جو وڏو وزير بڻايو ۽ سندس ڀاءُ سيف الله جي فرمائشن تي کيس سندس ئي نالي سان سيف الله ڪئنال منظور ڪري ڏئي مراد پوري ڪئي.

نواب يوسف خان مگسي جو خان آف قلات جي گهران وهانءُ ٿيو جنهن وني مان ٽي پٽ ۽ هڪ نياڻي جو عمدو اولاد پيدا ٿيو. نواب يوسف جو الميو اهو آهي ته کانئس سرداري پڳ به پريوار وارا کسي ويا ۽ ويتر وني به وٿيرو ڪري ويا جنهن ڪري غمن ۾ گذر ٿيڻ لڳو. هن قصي جي ڪٿ جي قطع نظر عرض اهو ته نواب صاحب پٽن سميت سندس ڌيءُ نالي نوابزادي رضيه مگسي کي پرڏيهي عمدي تعليم سان آراسته ڪيو. پٽن مان ٻه مارجي چڪا آهن جڏهن فقط هڪ حيات آهي مگر ڪنهن به ايڪٽوٽي کان آراسته ناهي. شهادڪوٽ شهر جي ڳڙهي خيرو روڊ تي سابقه ڌاڳي واري مل جي ڌرتي سامهون راڄن جي راڻي مهان مائي نوابزادي رضيه جي رهائش وارو عاليشان عمارت وارو بنگلو مگسي هائوس بڻيل آهي. شهدادڪوٽ جي سيلرا، سولنگي، خاصخيلي، ملڪ، مستوئي، مرکنڊ، مڱڻهار، مالهاڻي، ميراڻي، مگسي، جويا، جوڻيجا، دائود پوٽا، دايا، لانگاهه، لاشاري، وڌا، وڪو، بروهي، قمبراڻي ۽ ڪاسائن سميت ڪيترن ئي قبيلن جي اڻ اعلانيه قائد رضيه بي بي هڪ انمول ۽ املهه عورت آهي. قد پورو پنو مگر پائدار، ڏنڊن جي ڏيا ڏسڻ وٽان، شڪل صورت، سيرت شگفته ۽ شاندار، وجاهت، وضعداري ۽ وقار واضح، نيڻ نمرتا جو نادر نمونو، سڀاويڪ ۽ صاف گو، اٿڻ ويهڻ ۽ اليڪ سليڪ عاليشان، نج نبار قبيلائي قوائد ۽ ضوابط تي پوري طرح پابند. اهو علائقو جنهن ۾ سماج جا سڀ سيبتا ستون ناپيد، متڀيد مناسب ماپ کان وڌيڪ ۽ مرداني حاڪميت ۽ هٺ ممڪن حد کان هيڪاندو. جتي نسواني نياءُ جو نانءُ نشان نيشانبر ناهي تتي جٽادار جرئت ۽ سرئت سان سينو ساهي مڙني مُڇر وڏيرن سامهون سينو تاڻي ويهي راڄوڻي ذريعي راڄن کي ريجهائي کلي کيڪاري کير کنڊ ڪري سا وڏي وک آهي، جنهن جي جيتري تعريف ڪجي سا گهڻي گهٽ آهي. ان بيباڪ بهادري تي ٻه دفعا سندس حياتي جو حساب چڪتو ڪرڻ لاءِ قاتلاڻو حملو ٿيو آهي.

 جتي قدرت جي ڪارستاني ڪم آئي آهي جيئن چئبو آهي ته “جنهن کي رب رکي تنهن کي ڪير چکي” سندس خصوصي خطن يا ليٽر پيڊ جو سرو آهي “نوابزادي رضيه مگسي” مگسي هائوس شهدادڪوٽ فيصلي لاءِ ڌرين کي آماده ڪرڻ لاءِ سندس ليٽر پيڊ تي لکڻ جو انداز آهي ته:

مانوارا موچارا خان سدا سلامت هجو:

واضح هجي ته دادن خان اوهان جي خلاف مون وٽ دانهين ٿيو آهي ته اوهان کيس ستائڻ ۾ سرگرمي ڏيکاريندي سندس گهر آڏو اڻ ٺهندي اڏاوت ڪري اچڻ وڃڻ جو آزار پيدا ڪيو آهي تنهن ڪري اوهان کي پابند ٿو ڪجي ته بروز آچر تي روبرو اچي ساڻس نبيرو ڪندا ۽ شاهد ۽ ڪاغذ پٽ به ساڻ آڻيندا. والسلام رضيه بي بي.

خط پهچڻ تي معقول عذر کانسواءِ هر حال ۾ ڌرين کي حاضري يقيني بڻائڻي آهي. ڌريون اينديون ته کلي کيڪارڻ بعد پٽ تي ويهارڻ بجاءِ کين کٽ تي ويهاري اطمينان سان ڌيمي ماحول ۾ ڌرين جا دلائل دريافت ڪري فيصلي جي فتويٰ جاري ڪندي آهي. اهڙي نموني قتل، خانداني خونريزي ۽ ٻني ۽ وني تي وڌيڪ جهيڙن جو سدباب شانائتي انداز ۾ ڪندي آهي، هڪ خوني فيصلي جي فتويٰ جو مختصر متن آهي ته:

جيئن ته فلاڻي ڌرين ۾ ٻني تي گذريل ڏهن سالن کان جهيڙو هلندڙ هو ٻن ڌرين جا چار ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن جن جي خون بها هيتري رقم مقرر ڪئي آهي. جن مان هيتري رقم هن وقت هر هڪ ڌر مون وٽ جمع ڪرائي آهي ۽ بقايا رقم ٻنهي ڌرين کي فلاڻي تاريخ تي جمع ڪرائڻ جو پابند بڻائجي ٿو ته جيئن اها رقم مقتولن جي بيواهن ۽ يتيم ٻارن کي مون کي پنهنجي هٿن سان ڏيڻي آهي. فيصلي جي خلاف ورزي جي صورت ۾ مقرر ڪيل ڏنڊ جي ڏهوڻ برابر ڏيڻ جو پابند تصور ڪيو ويندو. “فقط رضيه بي بي مگسي”

بي بي رضيه اهڙا بيشمار فيصلا ڪري معاشري ۾ فقيد المثال فهميدگي جو مظاهرو ڪري هڪ شانائتي عورت هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي. سندس قدم معاشري ۾ عورتن جي اتساهه جو باعث آهي. قدرت شل سندس صلاحيتن جي سلسلي ۾ روان رکي.