ٻوڏ کان پوءِ واري منهنجي سنڌ ٻوڏ کان پوءِ واري منهنجي سنڌ

0
120
چڪرا ڳوٺ تي هڪ نظر

 ٻوڏ! ها هر طرف هر ڪچهري ۾ هر اخبار ۾ هر جلسي ۾ هر جلوس ۾ هر پل هر زبان تي ٻوڏ ۽ سندس جي تباهڪارين جو ذڪر ۽ فڪر جاري آهي. اڃاتائين خيما بستيون آباد آهن اڃاتائين امداد جو سلسلو سلامت آهي. اڃا تائين لڏپلاڻ ڪندڙن ماڳن طرف موٽ نه کاڌي آ، اڃاتائين ٻوڏ جو پاڻي سمونڊ جي ڇولين وانگر هوا تي ڇوليون هڻي رهيو آهي. اڃا تائين ڳوٺن جا ڪچا پڪا رستا پاڻي سان ڀريل آهن. اڃا تائين زرعي زمينن ۾ بيٺل پاڻي ناهي سڪو، اڃا تائين آس مند اکيون انتظار ۾ آهن ته ڪڻڪ جو فصل به پوکڻو آهي خبر ناهي ته ٻوڏ جو پاڻي ڪڏهن سڪندو جو زمين ۾ هر هلائي ڪڻڪ جي پوکي ڪبي. ٻوڏ جو پاڻي تاحال جيئن جو تيئن جي بنياد کان ٿورو گهٽ ٿيو آهي، ڇو ته اڪثر علائقن ۾ پاڻي کي نيڪر ٿيڻ جو آسان رستو ڪونهي ڪو انهيءَ ڪري اهو پاڻي جيسيتائين نه سڪندو تيسيتائين مسئلا ڪاريهر جي ڪر وانگر ڦڻ کنيو بيٺا هوندا ۽ خيما بستيون به ايئن ئي قائم رهنديون، پر ان ٻوڏ بعد وڏو الميو ۽ ڳنڀيرتا آهي مختلف ٻاراڻين بيمارين جو وبا جي صورت اختيار ڪرڻ. جنهن منجھ مختلف سرڪاري ۽ غيرسرڪاري رپورٽس موجب ته سنڌ جي ٻوڏ وارن علائقن ۾ روزاني جي بنياد تي 15 کان 20 معصوم ٻار گيسٽرو، مليريا، ڪورونا، ڊينگي، ڊائيريا، خارش ۽ ٻين خطرناڪ بيمارين جي سبب ۽ وقت سر علاج نه ٿيڻ ڪري مري رهيا آهن، جيڪو به سنڌي قوم لاءِ هڪ لمحه فڪريه آهي. بس ايئن سمجهو ته هڪ طرح سان سنڌي قوم جي وجود جي تباهي ۽ خاتمي جو ڪارڻ آهي سو انهي طرف سنڌ حڪومت ۽ سماجي ڪارڪنن سان گڏ وزارت صحت کي پڻ تڪڙا ۽ سگهارا اپاءُ وٺڻ گهرجن ته جيئن انهن مختلف بيمارين تي ضابطو آڻي، معصومن جي قيمتي زندگي بچائي سگهجي .

هي ٻوڏ قدرت جي طرفان ايتري خطرناڪ ۽ نقصانڪار ڪين هئي پر افسوس جو هتان جي حاڪمن ۽ وس وارن پاڻي جي رستا روڪ ڪري ڦيرائي گهيرائي سنڌ کي تباهه ڪري عوام کي گهرن منجهان ڪڍي خيمن تائين پهچائي امدادن ۽ پنڻ واري واٽ تي آڻي بيهاريو. پر افسوس جو عالم اهو آهي ته هتي سنڌ ۾ غريب ۽ اٻوجھه عوام سڄو سال مختلف ٻوڏن ۾ ٻڏندو ٿو رهي، جنهن کي تارڻ بجاءِ ويتر ئي غوطا ڏئي غرق ڪرڻ خاطر نت نوان پلان جوڙيا ويندا آهن .ٻوڏ بعد وبائي بيمارين جي ڪري عام ماڻهن جي جياپي جي سگھه بلڪل ختم ٿي وئي آهي ڇو ته هن مهانگائي واري دور ۾ جن جا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا زمينون غير آباد ٿي ويون بيٺل فصل ختم ٿي ويا ڏهاڙي تي گذران ڪندڙن جي ڏهاڙي بند ٿي وئي پيٽ کي ٽڪر ڏيڻ پل صراط جو منظر پيش ڪرڻ لڳو ته اتي ئي اسپتالن مان ڊاڪٽر به ايئن غائب ٿي ويا جيئن ڪنهن فصل کي جيت لڳڻ بعد انهي منجهان سنگ ختم ٿي ويندو آهي. ٻيو ته هتي سدائين کان اهو مسئلو رهيو آهي ته سرڪاري اسپتالن ۾ غريب مريضن خاطر ايندڙ سرڪاري دوائون به ايئن غائب ڪيون وينديون آهن جيئن ڏيتي ليتي جي بنياد تي پوليس اصل ڏوهارين کي غائب ڪري ڇڏيندي آهي يا جيئن پرنٽ ميڊيا وارا عام رائيٽر جي مواد کي سفارش يا پهچ نه هجڻ سبب رديء جي ٽوڪري حوالي ڪري چوندا آهن ته اوهان جو مواد اسان تائين ناهي پهتو پر جي پهچي ها ته کيس ضرور ڇاپيون ها .

   ٻوڏ تان ياد آيو ته اسان وٽ سرڪاري اسپتالون به عام ماڻهن خاطر ايئن آهن جيئن روڊ تي ٺهيل اهڙو انتظار گاهه جتان سڄي ڏينهن جي انتظار ڪرڻ باوجود به ڪا گاڏي ناهي ايندي. ها باقي ڊاڪٽرن جون پرائيويٽ ڪلينڪون ايئن آهن جيئن وڏن شهرن ۾ رڪشا ۽ ننڍن شهرن يا ڳوٺن منجھه چنگچيون جيڪي مسافر کان ڪرائي جي مد ۾ کل لاهينديون آهن سو هتي به ڊاڪٽر پرائيويٽ اسپتالن ۾ مريضن کي دل تي ڦري تباهه ڪندا آهن پر افسوس جو حڪومت عام عوام جي اهنجن تي پها رکڻ بجاءِ ننڊ جون گوريون کائي آرام فرمائي رهي آهي. خبر ناهي ته عوام جي دردن جو داد ڪڏهن ٿيندو يا ٿيندو ئي نه .

   ٻوڏ حقيقت ۾ سنڌي قوم خاص ڪري وچولي ۽ هيٺين طبقي وارن جي لاءِ موت بڻجي آئي. ڇو ته اميرن وٽ ته هر قسم جي سهولت ميسر آهي، سو ڪير ڪيئن به مري انهن جي صحت تي ڪو به فرق نه پوندو جڏهن ته عام ماڻهو جيڪي ٻوڏ کان اول به علاج خاطر دربدر هيا سي ته ويتر ئي ڌرتي تي ننڌڻڪا ٿي ويا آهن. هتي اڳي ئي ڳوٺن ۾ ڪا اسپتال نه هئي پر جي هئي به ته نالي ماتر مگر حاليه برسات ۽ هٿرادو ٻوڏ ويتر ئي کين بي گهر ڪري اچي خيمن تائين پهچايو آهي. جتي ڪنهن به قسم جي ڪا سهولت ناهي وڏا ته وڏا پر ننڍا ابهم ٻالڪ مختلف بيمارين جي ور چڙهي موت جي منهن ۾ وڃي رهيا آهن ڇو ته خيما بستين ۾ وڏين اسپتالن جهڙو علاج ناهي. ها بس فارملٽي خاطر عارضي ميڊيڪل ڪئمپن ۾ ڊاڪٽر اچن ٿا کنگھه، بخار، پيچش جي دوا ڏئي جوڳي نه ڪنهن جا مٽ تحت هليا ٿا وڃن. ٻيو ته خيما بستين ۾ ڪا به صفائي ناهي، نه ئي وري ڪا بجلي آهي، سو بيماريون ته پيدا ٿينديون .ٻوڏ جو پاڻي نيٺ ته سڪندو خيمن ۾ ويٺل غريب عوام نيٺ ته ابن ڏاڏن جي اجهن طرف ورندو، جتي جو منظر هن جديد دور ۾ دڙي وارو آهي جتي اسڪول تباهه ٿي ويا، مطلب ته تعليم جيڪا اڳ ئي نه هئڻ جي برابر هئي سا ويتر ئي الله کي پياري ٿي وئي. ايئن اسپتالن جو چرخو جيڪو اڪثر ڪري سيکڙاٽ ڪمپائونڊر سنڀاليندا هئا سي به ٽال مٽول ڪري پاڻ کي هر ذميواري کان آجو قرار ڏيندا. ڇو ته اسان وٽ ماستر هجن يا ڊاڪٽر سي سڀ سفارشي مقرر ٿيل آهن، جن کي ڪو لهر نڪو لوڏو ته پوءِ بي پهچ عوام جو سولو سستو آسان علاج ٿيڻ آسمان تان تارا لاهڻ جي برابر آهي. هتي جيڪو ماڻهو ويلي جي خاطر محتاج ۽ پريشان آهي سو ڪيئن ۽ ڪٿان ڪرائي سگهندو وڏن شهرن ۾ وڏين فيس جي وڏن ڊاڪٽرن کان پنهنجي ايندڙ نسل جو علاج .ٻوڏ بعد هاڻي هن قوم جي چڱن مڙسن تي اها ذميواري عائد ٿي ٿئي ته هو پنهنجي فرض کي فرض سمجهي قوم کي موت جي منهن ۾ وڃڻ کان بچائين ۽ پيدا ٿيل مختلف وبائي بيمارين جو تڪڙي ۽ مفت علاج تحت يقيني خاتمو آڻين ۽ اسپتالن ۾ ايمرجنسي نافذ ڪري ڊاڪٽرن کي پابند ڪن ۽ مريض تائين دوائن جي پهچ کي هر صورت ۾ يقيني بڻائين ته جيئن ٻوڏ کان بعد مرندڙ سنڌ ۽ سنڌي قوم جي مستقبل کي صحتمند زندگي ڏئي سلجهيل قومن جي سٿ ۾ ڳڻائي سگهجي ۽ فخر سان ڳاٽ اوچو ڪري چئي سگهجي ته اي مهر فقير سنڌ ۽ سنڌي قوم ڪڏهن به شڪست کائي ڪري مري نٿي سگهي .