دادا گوبند مالهي اسان شرمسار آهيون

0
253
بيان بازي جي سياست ۽ پيڙجندڙ عوام

  سنڌ اندر  ترقي پسند سوچ رکندڙ اديبن جو ڪم  هر دور ۾ اسان لاءِ اتساهه جو سبب بڻجندو رهيو آهي.  ورهاڱي کان اڳ  اديبن  سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ واڌ ويجهه لاءِ تمام گهڻو ساراهيندڙ ۽ اتساهيندڙ ڪم ڪيو آهي. ورهاڱي کان اڳ توڙي  پوءِ به جن اديبن سنڌ جي  عاشقي جو ثبوت ڏنو، انهن ۾  گوبند مالهي جو نالو به نمايان نظر ايندو آهي. ڏات جا ڏيئا ٻاريندڙ گوبند مالهي سنڌ ۽ سنڌ ٻولي جي ترقي  لاءِ  عملي ڪم ڪيو. گوبند مالهي وٽ  علم ۽ ادب جو  وڏو خزانو هو جنهن جي جدوجهد اڄ به اسان لاءِ اتساهه جو سبب بڻيل آهي. ساهتي پرڳڻي جي شهر ٺارو شاهه ۾ جنم وٺندڙ گوبند مالهي سنڌي ادبي سنگت جو باني هو. هن سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو ۽  پهرين سيڪريٽري  هئڻ جو اعزاز پڻ حاصل ڪيو.  هن  سنڌي ادب، سياست، ڊراما، ڪهاڻيون ۽ تنقيدي ادب تي ڪيترائي ڪتاب لکيا.

                 ورهاڱي کانپوءِ سنڌي جي ڪيترن ئي اديبن کي جلاوطن ڪيو ويو جنهن  ۾ گوبند مالهي حشو ڪيولراماڻي ۽  موهن ڪلپنا سميت ڪيترائي سنڌي اديب وطن جي سرحد مان ڳوڙها ڳاڙيندي روانا ٿيا هئا. انهن جي درد جو ڪاٿو اسان لڳائي نٿا سگهون ڇو جو وڇوڙي جا وڍ تڪليف ڏيندڙ آهن، جلاوطن ٿيل سنڌي اديبن جي سيني تي آيل زخمن کي پاڻ بيان نٿا ڪري سگهون.

جيئن حشو ڪيولراماڻي سنڌ سنڌ  ڪندي الهاس  نگر مان گم ٿي ويو هو ايئن ئي ڪيترن ئي  اديبن کي ورهاڱي وڍي  ڇڏيو هو. گوبند مالهي به انهي ورهاڱي جا وڍ سهندڙ شخص هو. گوبند مالهي جديد سنڌي ادب جو وڏو نالو هو

دادا گوبند مالهي -421941ع  ڌاري سنڌي ادب ۾ ترقي پسند ڌارا جو بنياد وجهي چڪو هو. هن سياسي حوالي سان  ڪانگريس جو اثر قبول ڪيو هو  ۽ انهي عرصي ۾ هن شاگرد سياست جي پيڙهه  جو پٿر پڻ رکيو هو.

گوبند مالهي جيل جون سختيون پڻ برداشت ڪيون، 1942ع۾ جيل مان نڪرڻ بعد هو ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿيو ۽ ڪراچي جو سيڪريٽري پڻ رهيو.

گوبند مالهي ترقي پسند  اديبن ۽ سنڌي ٻولي جي بقا لاءِ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو هن سنڌي ادب جي حوالي سان جيڪو ٻوٽو پوکيو اهو ٻوٽو وڌي وڻ ٿيو پر وقت ۽ حالتن جي حساب سان انهي وڻ جي حفاظت نه ٿي سگهي ۽ اهو وڻ هن وقت اديبن جي  اناپرست ۽ هٺ ڌرمي سبب سڪي رهيو آهي.

گوبند مالهي کي جڏهن ڌرتي کان ڌار ڪيو ويو تڏهن به هن الهاس نگر جي اداس گهٽين ۾ خاموشي اختيار نه ڪئي هئي.  هو هندوستان ۾ رهي ڪري به ڌرتي ۽ ٻولي جي بقا لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو هو. لطيف جي هنن سٽن وانگي رهيو ته

جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي

وڃي ڀونءَ پيٺي ساريندي کي سڄڻين

اهي قومون عظيم  هونديون آهن جيڪي قومون ثقافت ۽ ورثي کي ياد ڪرڻ سان گڏ عظيم اڳواڻن کي وسارينديون  ناهن.

 ٻه ڏينهن اڳ گوبند مالهي جو جنم ڏينهن هو پر افسوس سان گڏ حيرت ٿي رهي آهي ته ايشيا جي عظيم ۽ اديبن جي نمائنده تنظيم سڏرائيندڙ سنڌي ادبي سنگت دادا گوبند جي جنم ڏينهن جو ڏهاڙو ملهائي نه سگهي، سنگت پاران ڪا ننڍڙي تقريب به منعقد نه ٿي سگهي آهي.

سنگت جي باني کي ياد نه ڪرڻ افسوس جو مقام آهي. دادا گوبند اسان تنهنجا مياري آهيون جو نه ادبي سنگت کي بچائي سگهياسين نه وري تنهنجي پڄاڻان ڪجهه ڪري سگهياسين ۽ دادا اڄ لاءِ به معافي جا طلبگار آهيون جو تنهنجو عظيم ڏهاڙو به ملهائي نه سگهياسين، دادا اسان شرمسار آهيون .