ڪربلا واقعو، ھڪ نصيحت آھي

0
143
وحشي ۽ دردناڪ بڻجي ويل سماج

  اسلامي تاريخ ۾ محرم الحرام جي مھيني ۾ ھڪ دل ڏکائيندڙ واقعو سامهون آيو ھو جنھن کي ڪربلا جو واقعو چيو ويندو آهي، خاص ڪري ھر سال محرم الحرام مھيني جي اچڻ سان ان عظيم واقعي جي ياد تازي ٿي ويندي آهي. ھن اسلامي مھيني جي شروعاتي عشرو ڪربلا جي شهيدن، پاڪ پيغمبرن جي بھادر ٻچڙن جي ياد ڏياري ٿو ۽ امت رسول کي سبق سيکاري ٿو ته ڪربلا جي تتل ڌرتي مٿان مسافر بنجي آيل نبي صلعم جي پيارن ٻچڙن حق ۽ سچ جو عظيم مثال ڇڏيو. ڪربلا واقعي مان جيڪو وڏي مان وڏو سبق حاصل ٿئي ٿو اھو ھي آھي ته ھڪ پاسي حق سچ جو آواز ھو ٻئي پاسي ناحق باطل ھو. جيئن ھي قدرتي قانون آهي ته دنيا ۾ نيڪي به آهي ته بدي به آھي، خير به آهي ته شر به آهي، حق به آهي ته باطل به آهي، انھن ٻنهي جو ازل کان جھيڙو رهيو آهي. جتي حق سچ ھوندو اتي باطل به مخالفت لاءِ اٿندو، حق ۽ باطل جو مقابلو ازل کان ھلندو پيو اچي جيڪو قيامت تائين ھلندو رھندو جيڪو حق سچ تي ھلندو

اھو ھميشھ ڪامياب رھندو جيڪو باطل جي حمايت ۾ اچي ويو اھو سدائين نقصان ۾ ھوندو.  حق وارن جي مدد لاءِ خود الله ۽ فرشتا ھوندا آھن ۽ باطل ۽ ڪوڙي جا حمايتي ابليس ۽ ان جو لشڪر ھوندو آھي، اھو الله جو اٽل فيصلو آھي ته فتح ھميشھ حق وارن جي ٿيندي آهي حق وارا باطل جي مقابلي ۾ حياتي ڏين ته شھيد بڻجي وڃن جيڪڏهن فتحياب ٿي موٽن ته غازي رب راضي. مطلب ته حق سچ وارن لاءِ ٻنھي پاسن کان انعام آھن. تاريخ اھڙن واقعن سان ڀري پئي آهي ته جڏهن ابراھيم خليل حق جو آواز بلند ڪيو ته مقابلي ۾ باطل نمرود جي روپ ۾ آيو جڏهن حق موسيٰ ڪليم الله جي روپ ۾ آيو ته باطل فرعون جي صورت ۾ مقابلي لاءِ آيو. نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم حق جو اعلان ڪيو ته ابوجھل، ابو لهب باطل جا حامي بڻجي مقابلي لاءِ اٿيا ان ڪري حق ۽ باطل جي لڙائي ازل کان ھلي رھي آھي. جڏھن حڪومت جي ڪرسي تي نااھل بدڪردار يزيد پليد ويٺو ته حق حسين جي روپ ۾ مقابلي لاءِ آيو. حق واري حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ  مديني جھڙو پيارو مٺو وطن ڇڏيو. مڪي پاڪ ۾ الله جو گھر ڇڏيو، ا

باڻو شھر گھر ڇڏي پرديسي بنجي باطل جي مقابلي ۾ ميدان تي آيو. ڪربلا واقعو عوام جي لاءِ ھڪ نصيحتن ڀريو پيغام آهي جنھن پيغام تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آھي. ڪربلا جي ميدان ۾ جيڪو ڪجھه ٿيو ان دل ڏکائيندڙ واقعي مان ھر شخص واقف آهي ته اتي حق سچ ۽ باطل جي وچ ۾ جنگ ھئي. امام عالي مقام امام حسين حق سچ تي ثابت قدم بيھي باطل جي لشڪر کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو جنھن سبب اڄ ھزارين سال گذري وڃڻ باوجود نسل در نسل امام حسين رضي الله تعالي  جو شان بيان ٿي رهيو آهي، سندس تعريف جا قصيدا لکيا پڙھيا چيا وڃن ٿا، جڏهن ته ٻئي پاسي يزيد پليد سميت ان جي ساٿين تي اڄ به لعنتن جي وسڪار ٿي رهي آهي، مطلب ته امام حسين ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ يزيد پليد کي شڪست نصيب ٿي.

ڪربلا جي ميدان ۾ امام سڳورا يزيد پليد جي ناجائز غلط ڪمن کي ختم ڪرڻ، دين محمد صلي الله عليه وسلم کي بچائڻ لاءِ پنھنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري دين اسلام کي زنده ڪري ويا. ان ڪري اسان کي به گھرجي ته اسان به وقت جي يزيدن جي ناجائز غلط ڪمن کي ختم ڪرڻ، دين اسلام کي زنده رکڻ لاءِ پنھنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري حقيقي حسيني فڪر جا علمبردار بڻجي وڃون. ياد رهي ته حق سچ ھميشھ رھڻو آھي باطل کي شڪست نصيب ٿيڻي آهي ان ڪري اسان کي گھرجي ته ھميشھ حق سچ جو ساٿ ڏئي باطل قوتن يزيد پليد جي ساٿين کي شڪست ڏيون. ان ڪري اسان کي ھر وقت حق سچ تي ھلڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي جيئن اسان به حسيني قافلي جا مسافر بڻجي ھميشھ انھن جيان حق سچ جو آواز بلند ڪندا رھون.

[email protected]