ڏهرڪي ۾ همراهه تي زال کي طلاق ڏئي طلاقيل ننهن سان لاڳاپا رکڻ جا سنگين الزام

0
221
ڏهرڪي ۾ همراهه تي

ڏهرڪي ۾  نوجوان پنهنجي ماءُ سان گڏ پريس ڪلب پهچي پنهنجي پيءُ مٿان سنگين الزام هنيا آهن

نوجوان عامر ڀٽو  الزام هنيو ته چار سال اڳ شادي ڪئي، منهنجي پيءُ رشيد  ڀٽو جا  منهنجي زال سان ناجائز تعلقات هئا، زال کي طلاق ڏنم ته بابا مڇرجي پيو

نوجوان ٻڌايو ته پنهنجي اکين سان ڏسي بابا کي روئي دانهن ڏنم ته ظلم نه ڪر پر بابا هڪ به نه ٻڌي، مجبور ٿي زال کي طلاق ڏنم پر بابا منهنجي زال کي زبردستي گهر ۾ ويهاري ڇڏيو ۽ منهنجي ماءُ روبينا ڀٽو کي طلاق ڏني

روبينا ڀٽو  الزام هنيو ته مڙس ظلم ڪيو آھي، مون کي پٽن سميت گهران ڪڍي ڇڏيو اٿس، انصاف نه ٿيو ته پنهنجو پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏينديس

ھي به پڙھندا

هندو فيملي تي تشدد واقعو: مظاهرا: سوشل ميڊيا تي گارگند