هندو فيملي تي تشدد واقعو: مظاهرا: سوشل ميڊيا تي گارگند

0
424
هندو فيملي تي تشدد

ڪراچي (رپورٽ: صدام ڪولاچي) گهوٽڪي جي علائقي ميرپور ماٿيلي ۾ هندو فيملي سان پيش آيل واقعي جو اڃا تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي، مختلف شهرن ۾ اجتماعي شعور الزام هيٺ آيل جوابدار شمشير پتافي جي گرفتاري لاءِ سراپا احتجاج آهي،  جڏهن ته سوشل ميڊيا تي گارگند جو طوفان برپا آهي

گذريل ڏينهن سانگهڙ واسي هندو فيملي رهڙڪي درٻار تي زيارت لاءِ وڃي رهي هئي ته کوسا هوٽل وٽ جوابدارن کين روڪي گاڏي جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا ۽ عورتن ۽ ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻايو

ٻڌايو پيو وڃي ته مک جوابدار شمير پتافي صوبائي وزير باري پتافي جو ويجهو آهي، واقعو گاڏي کي اوور ٽيڪ ڪرڻ تان پيش آيو، هندو فيملي تي تشدد واري وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي

متاثر هندو فيملي رهڙڪي درٻار ۾ ترسيل آهن، ميرپورماٿيلو، جروار سميت مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن

مظاهرين  موجب هندو فيملي تي تشدد جي لفظن جي مذمت ڪريون ٿا، شمشير پتافي ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي

ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو موجب واقعي جي مختلف رُخن سان جاچ ڪئي پئي وڃي، ذميوارن خلاف جلد ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو ويندو، پر اِن اعلان کي به 12 ڪلاڪ گذري ويا آهن پر ڪا اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي

ٻئي پاسي واقعي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ هلي رهيو آهي، جنهن ۾ صوبائي وزير باري پتافي ۽ سندس ڪٽنب کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ سان گڏ گار گند پڻ ڪئي پئي وڃي، پر ان حوالي سان باري پتافي جو ڪو بيان سامهون نه آيو آهي