خيرپور جي هڪ وڌيڪ پيراڻي گادي جي ڪراچي واري فليٽ مان نوجوان نينگري گم: وڪري جا الزام

0
300

ڪراچي/ پير جو ڳوٺ  (رپورٽ: حبيب جمالي ۽ بلاول جوڻيجو)خيرپور جي هڪ وڌيڪ پيراڻي گادي جي ڪراچي واري فليٽ ۾ ڪم ڪندڙ نوجوان نينگري گم  ٿي وئي، اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي

پوليس ذريعن موجب ڪراچي جي پوش علائقي ڊفينس ۾ واقع سي ويو اپارٽمينٽ جي فليٽ مان 16 سالن جي نينگري اقصيٰ ڌيءَ اياز چانڊيو مبينه طور اغوا ٿي وئي

ان ڏس ۾ درخشان ٿاڻي تي اقصيٰ جي والد پير ڳوٺ واسي  اياز چانڊيو جي فرياد تي داخل ڪيل ايف آءِ آر موجب 15 آگسٽ تي اقصيٰ دڪان تي وڃڻ لاءِ چئي فليٽ مان نڪرڻ بعد گم ٿي وئي

خدشو آهي ته اقصيٰ کي نامعلوم جوابدار ورغلائي اغوا ڪري ويوآهي، ٻئ طرف اياز علي چانڊيو  پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته پيرجوڳوٺ جي بااثر شخصيت سيد لالڻ شاهه راشدي جي ڀيڻ سيده نعيمه شاهه راشدي جي ڪراچي جي ڊفينس واري بنگلي تي منهنجون 2 ڌيئر اقصيٰ ۽ زينب  ستن سالن کان گھر جو ڪم ڪنديون هيون، جن مان اقصي چانڊيو گذريل مهيني کان گم ٿي وئي

نعيمه شاهه  اسان کي اهڙو اطلاع ڏنو، جنهن بعد اسان ڪراچي ۾سيده نعيمه  شاهه جي بنگلي تي پهتاسين، بي بي نعيما شاهه اسان کي ٻڌايو ته توهان جي نياڻي اسان وٽ ناهي ھن مونکي ۽ منهنجي زال کي پنهنجي بنگلي ۾ ٻن ڏينهن تائين بند ڪري ڇڏيو، اسان کي ماني ۽ پاڻي نه ڏنو ويو، ايلاز ۽ منٿون ڪرڻ تي ھن ڳالهه نه ڪڍڻ جي شرط تي آزاد ڪيو

اياز چانڊيو ته اسان کي پاڙي جي ماڻهن ٻڌايو ته بنگلي ۾ نياڻين تي تشدد ٿيندو هو، رات جو سندس دانهون ٻڌڻ ۾ اينديون هيون، هن چيو ته اسان کي خدشو آهي ته سيده نعيمه شاهه راشدي منهنجي نياڻي اقصا چانڊيو کي يا ته قتل ڪري ڇڏيو آهي يا وڪرو ڪري ڇڏيو آهي

ھن حرن جي روحاني پيشوا پير صاحب پاڳاري، آءِ جي  سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته مامري جو نوٽيس وٺي منهنجي نياڻي بازياب ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي