ڪنڌڪوٽ، ڪچي ۾ راڪيٽ جو گولو ڦاٽڻ سبب ٻارن سميت 9 ڄڻا اجل جو شڪار

0
304

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ راڪيٽ جو گولو ڦاٽڻ سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 9 ڄڻا اجل جو شڪار  ٿي ويا

 ڳوٺ بگي  سبزوئي ۾  مال چاريندڙ ٻارن کي هٿ آيل راڪيٽ جو گولو  ماستر علي نواز سبزوئي جي گهر ۾ ڦاٽي پوڻ سبب اياز، نياز، راشد محمود ۽ حنيفه سميت 9 ڄڻا موت جو کاڄ بڻجي ويا، 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا

 مارجي ويلن جي لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي

 نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ پولس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

 نگران وڏي وزير چيو ته راڪيٽ جو گولو ڳوٺ ۾ ڪيئن پهتو، ڇا هٿيارن جي کيپ ڪچي ۾ اسمگل ٿي رهي هئي؟ راڪيٽ جو گولو ڪيئن بلاسٽ ٿيو؟تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي

جڏهن ته ٻڌايو پيو وڃي ته راڪيٽ جو گولو ڦاٽڻ سبب اجل جو شڪار ٿيل هڪ ئي خاندان سان تعلق رکن ٿا، مارجي ويلن جي گهر ۾ قهرام مچي ويو، علائقي ۾ سوڳ پکڙجي ويو، اسپتالن ۾ لاشن مٿان عورتون ۽ مرد روئيندا رهيا