اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايس آءِ ايف سي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي غير ملڪي سرمائيڪاري جي راهه ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ ۽ اسٽيڪ هولڊرن وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ قابل عمل قدمن جي منظوري ڏئي ڇڏي، تفصيل موجب خصوصي سرمائيڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جو ٻن ڏينهن وارو پنجون اجلاس شروع ٿي ويو، جاري ڪيل پريس رليز مطابق اجلاس جو مقصد سرمائيڪاري جي ايڪو سسٽم کي بهتر بنائڻ، ميڪرو اڪنامڪ چيلينجن تي قابو پائڻ ۽ معاشي ترقي کي تيز ڪرڻ جي لاءِ قدمن جو جائزو وٺڻ آهي، اجلاس جي صدارت رٿابندي جي نگران وفاقي وزير ڪئي، اجلاس ۾ ايس آءِ ايف سي جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر ۽ وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر جهانزيب خان، لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي وزيرن ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي، لاڳاپيل وزارتن مختصر، وچولي، ۽ ڊگهي مدت جي پاليسي سطح  جي قدمن بابت مختلف رخن تي ٿيندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو، تفصيلي بحث کان پوءِ ڪاميٽي ملڪ ۾ سرمائيڪاري جي راهه ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ اسٽيڪ هولڊرن وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ قابل عمل قدم طئي ڪيا ويا، فورم ۾ نون منصوبن کي شامل ڪرڻ کان سواءِ چئن اهم شعبن (زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، معدنيات ۽ توانائي) بابت مسئلن کي حل ڪرڻ جي منصوبن کي به حتمي شڪل ڏني وئي.