ڪراچي ۾ ايف آءِ اي گاڏين جي واپاريءَ جي گهر مان قارون جو خزانو هٿ ڪري ورتو

0
307

ڪراچي ۾ گاڏين جو ڪاروبار ڪندڙ جي گهر تي ڇاپو، ڪروڙين ڊالرز هٿ

 واپاري عزيز سيکا جي گهر تي ڇاپي دوران 23 هزار آمريڪي ڊالر ۽ 2 ڪروڙ 60 لک روپين جي پاڪستاني ڪرنسي هٿ ڪئي وئي

 پي اي سي ايڇ سوسائٽي ۾ واپاري جي گهر تي ڇاپي دوران ساڍا 5 لک روپين جا پرائيز بانڊز ۽ 2 موبائيل فون به هٿ ڪيا ويا

ايف آءِ اي جي اختيارين موجب عزيز سيکا امپورٽڊ گاڏين جو ڪاروبار ڪندو آهي، حساس ادارن ۽ ايف آءِ اي پاران سندس گهر جي نگراني ڪرڻ بعد ڪارروائي ڪري ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪرنسي هٿ ڪئي وئي

 ڇاپو هڻندڙ ٽيم موجب نوٽن جون دستيون وهاڻن ۾ لڪايون ويون هيون، معاملي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي