حريم شاهه عمران خان مان مايوس، بلاول ۾ اميدون

0
377

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستاني ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه به پي ٽي آءِ ۽ عمران خان جي ڪارڪردگي مان دلبرداشتا ٿي وئي.حريم شاهه تازو هڪ شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجي ذاتي زندگي ۽ پاڪستاني سياست جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.هن ٻڌايو ته يونيورسٽي جي ڏينهن ۾  تحريڪ انصاف سان لاڳاپيل هيس ۽ عمران خان کي ان وقت کان ڄاڻيندي آهيان، جڏهن هو وزيراعظم نه هو، عمران خان مون کي شروع کان ئي ڏاڍو پسند هو پر هاڻ پسنديدگي گهٽجي رهي آهي.

حريم شاهه چيو ته مان تحريڪ انصاف ۽ عمران خان جي ڪارڪردگي سان دلبرداشتا ٿي وئي آهيان، ڇو ته جڏهن توهان ڪنهن مان گهڻيون اميدون رکندا آهيون ۽ اميدون پوريون ناهن ٿينديون ته توهان دلبرداشتا ٿي ويندا آهيو، پاڪستانين کي به عمران خان مان وڏيون اميدون هيون، وزيراعظم چيو ته هڪ نئون پاڪستان هوندو پر اهڙو ڪجهه نه ٿيو.ٽڪ ٽاڪ اسٽار اهو پڻ چيو ته خان صاحب پاڪستان لاءِ هاڪاري سوچي ٿو ۽ ڪرپٽ ناهي، هو اسان جو ليڊر آهي ۽ ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿو پر اڃا تائين هن ڪجهه ڪيو ناهي، چاهيان ٿي ته هاڻ پ پ جي حڪومت اچي.