علي ظفر ۽ گل پانڙا جي ڪٿڪ ڊانس جا سوشل ميڊيا تي چرچا

0
224

ڪراچي(شوبز نيوز) گلوڪار علي ظفر ۽ گل پانڙا جي ڪٿڪ ڊانس جا سوشل ميڊيا تي چرچا ٿيڻ لڳا. تفصيل موجب گلوڪار انسٽاگرام اڪائونٽ تي پنهنجي نئين گاني جو ٽيزر ريليز ڪيو، ٽيزر ريليز ٿيندي ئي وائرل ٿي ويو.

مداحن زبردست واکاڻ شروع ڪري ڏني. ٽيزر ۾ علي ظفر ۽ گل پانڙا ڪٿڪ ڊانس ڪندي نظر اچن ٿا. ان حوالي سان علي ظفر اعلان ڪيو آهي ته مداح في الحال ٽيزر مان مزو وٺن، مڪمل گانو پشتون ثقافتي ڏهاڙي تي ريليزڪيو ويندو.