سلمان خان ۽ سنجي دت ۾ ماڌوري تان اڻ بڻت

0
562

ممبئي (شوبز نيوز) اها ڳالهه ڪنهن کان لڪيل ناهي ته ماضي ۾ ڪيتري عرصي کان باليووڊ جي ٻن وڏن ستارن سلمان خان ۽ سنجي دت ۾ ڇڪتاڻ رهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب مبينا طور تي ٻنهي وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ جو سبب اداڪارا ماڌوري ڊڪشت هئي، پرهاڻي سوال اهو آهي ته معاملي جي شروعات ڪٿان ٿي؟ ماضي ۾ سنجي دت ۽ ماڌوري مبينا طور تي هڪٻئي کي پسند ڪندا هئا ۽ ٻنهي وچ ۾ ويجهو رشتو به رهيو، جيڪو ڪن سببن جي ڪري ختم ٿي ويو.ماڌوري کي جڏهن خبر پئي ته سنجي دت جي زندگي تي فلم ٺاهي پئي وڃي ته ان اداڪار سلمان خان سان رابطو ڪيو.

ماڌوري چاهي پئي ته سلمان خان سنجي کي ان ڳالهه لاءِ راضي ڪري ته سندس زندگي تي ٻڌل فلم نه ٺاهي وڃي.جيڪڏهن ائين ٿيو ته ماڌوري جو نالو فلم ۾ سنجي دت سان ڳنڍجي ويندو، جيڪو اداڪارا بلڪل نه پئي چاهيو، سلمان خان جڏهن سنجي سان ڳالهايو ته ان اهڙي ڳالهه کان کيس سڌو جواب ڏئي ڇڏيو ۽ دبنگ خان سنجي دت سان ڳالهائڻ ئي بند ڪري ڇڏيو.ان ڇڪتاڻ ان وقت شدت اختيار ڪئي جڏهن سنجي جي زندگيءَ تي فلم ٺاهڻ جي لاءِ اداڪار رنبير ڪپور کي ڪاسٽ ڪيو ويو، جيڪو ان وقت سلمان جي مبينا اڳوڻي گرل فرينڊ اداڪارا ڪترينه ڪيف جو بواءِ فرينڊ هو.رپورٽ موجب في الحال ٻنهي اداڪارن جي وچ ۾ لاڳاپا بهتر ناهن، سلمان خان ڪجهه هفتا اڳ سنجي دت جي 62 هين سالگرهه جي موقعي تي پراڻي تصوير شيئر ڪري کيس سالگرهه جون مبارڪون پڻ ڏنيون.