گمبٽ ۾ سيد پريميئر ليگ: فائنل ۾ آخري بال تي آفتاب گلال جي ڇڪي سيريز کي يادگار بڻائي ڇڏيو

0
160

گمبٽ (رپورٽ: حفيظ منگي) گمبٽ ۾ سيد پريميئر ليگ سيزن ٽو جو فائينل حيدري اليون ۽ بگ بينگ اليون جي ٽيمن وچ ۾ ٿيو، سخت مقابلي بعد حيدري اليون جي رانديگر آفتاب گلال آخري بال تي ڇڪو هڻي 7 وڪيٽن تان ٽيم کي سوڀ ڏياري سيريز کي به يادگار بڻائي ڏيو. تفصيل موجب گمبٽ ۾ گورنمينٽ بوائز ڊگري سائنس ڪاليج جي گرائونڊ تي هڪ مهيني کان کيڏي ويندڙ سيد پريميئر ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ سيزن ٽو جو فائينل گذريل ڏينهن حيدري اليون ۽ بگ بينگ اليون ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويو. بگ بينگ اليون جي ڪپتان قاسم علي شاهه ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. سندس ٽيم مقرر 8 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 113 رنس جوڙيون، جنهن ۾ شهباز ڦل جون 20 بالن تي 60 رنسون به شامل هيون. جڏهن ته مخالف حيدري اليون جي بالرن ارشد علي ڀٽيءَ 3 وڪيٽون، غلام رسول شاهه، تيمور مرزا، آفتاب گلال 2-2 وڪيٽون ورتيون. جواب ۾ حيدري اليون جي ٽيم سخت مقابلي کانپوءِ 7 وڪيٽن تان فائنل کٽي ورتو، حيدري اليون کي آخري بال تي هڪ رنس گهربل هئي ته آفتاب گلال ڇڪو هڻي اسڪور 119 تي پهچائي پنهنجي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري ڇڏي. گڏوگڏ  هن 24 بالن تي ڇڪن ۽ چوڪن جو وسڪارو ڪندي 75 رنس جوڙيون ۽ غلام رسول 20 رنس اسڪور ڪيون. اهڙي طرح حيدري اليون جي ٽيم 7 وڪيٽن تان فائينل کٽي ورتو. فائينل کٽيندڙ ٽيم جي ڪپتان سيد غلام رسول شاهه کي ونر ٽرافي سان گڏ 10 هزار رپيا روڪ ا۽ هارائيندڙ ٽيم کي رنر ٽرافي ۽ 5 هزار رپيا روڪ انعام ڏنو ويو. جڏهن ته فائنل جو مين آف دي ميچ آفتاب نواز گلال کي قرار ڏنو ويو، ان کان علاوه مين آف دي سيريز ۾ آل رائونڊر ارشد علي ڀٽي، بهترين بيٽسمين جو آفتاب نواز گلال، بهترين بالر جو آغا عرفان ڦل کي انعام ڏنو ويو. ٽورنامينٽ ۾ ڪل 7 ٽيمن حصو ورتو. فائينل جا خاص مهمان ميونسپل ڪاميٽي گمبٽ جو اڳوڻو وائيس چيئرمين نورالهديٰ شاهه جيلاني، ڊاڪٽر مظهر علي شاهه جيلاني، گمبٽ ڪاليج جو پرنسپال عرفان شاهه جيلاني، مختيار علي چنه، نورالدين پنهور، سيد طارق علي شاهه، سيد اظهر علي شاهه هئا. جڏهن ته سيد پريميئر ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ سيزن ٽو جو چيف آرگنائيزر ثاقب علي شاهه، همير علي شاهه، غلام رسول شاهه، احمد مجتبيٰ شاهه هئا.