طالبان افغانستان ۾ آءِ پي ايل ميچز تي پابندي لڳائي ڇڏي

0
259

ڪابل(اسپورٽس نيوز) طالبان افغانستان ۾ انڊين پريميئر ليگ(آءِ پي ايل) جون ميچز ڏيکارڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. آءِ پي ايل جي 14 هين سيزن گڏيل عرب امارات ۾ جاري آهي، جنهن ۾ ڪيترائي پرڏيهي رانديگر به شامل آهن، طالبان افغانستان ۾ ڪنٽرول حاصل ڪرڻ بعد آءِ پي ايل جي نشريات تي پابندي لڳائي آهي. افغان ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي ميڊيا مينيجر ابراهيم مومند ٽوئٽ ڪيو ته طالبان قومي ٽي وي تي آءِ پي ايل جون ميچز ڏيکارڻ تي پابندي لڳائي آهي. افغان صحافي انيس الرحمان  به ٽوئٽ ڪيو ته افغان اسپورٽس چينل آر ٽي اي اسپورٽس ٽرانسميشن لاءِ فيس به ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته ان حوالي سان طالبان طرفان ڪوبه بيان سامهون نه آيو آهي.